اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مهمند ڊيم جي تعمير شروع ٿي وئي. آبي وسيلن واري وفاقي وزير محمد معين وٽو منصوبي جو دورو ڪيو. ڊيم جي تعمير کان اڳ ريور ڊائيورشن، اپ اينڊ ڊائون اسٽريم عارضي ڊيم، ڊيم فائونڊيشن ۽ ڊيم لاءِ کوٽائي سميت اهم هدف حاصل ڪيا ويا. ڊيم جي مڪمل ٿيڻ جو شيڊول سال 2027ع آهي، چيئرمين واپڊا انجنيئر ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، جنرل مينيجر، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، ٺيڪيدار ۽ صلاحڪار ڪمپنين جا نمائندا پڻ موجود هئا. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته منصوبي جي 14 مختلف سائيٽن تي تعميراتي ڪم جاري آهي، مهم ڊيم پروجيڪٽ خيربرپخوتنخوا جي ضلعي مهمند ۾ درياءَ سوات تي تعمير ڪيو پيو وڃي. 213 ميٽر بلند مهمند ڊيم دنيا جو پنجون وڏو سي ايف آر ڊي ڊيم آهي. پروجيڪٽ تحت پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحت 1.29 ملين ايڪڙ فُٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت آهي.جنهن سان 18 هزار 233 ايڪڙ نئين نئين ايراضي پوکي جي قابل هوندي. جڏهن ته هڪ لک 60 هزار ايڪڙ موجوده زمين کي به وڌيڪ پاڻي ملندو. 800 ميگاواٽ بجلي جي صلاحيت سان ڊيم قومي گرڊ کي سالياني 2.86 ارب يونٽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي مهيا ڪندو. منصوبي سان پشاور، چارسده ۽ نوشهره کي ٻوڏ کان بچاءَ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته پشاور کي روزانو 300 ملين گيلن صاف پيئڻ جو پاڻي پڻ فراهم ٿيندو.