ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلي جي عدالت  جي ڊي اي ڳواڻ علي گوهر مهر سميت 29 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايڊيشنل سيشن جج ميرپورماٿيلو جي عدالت وڪيل قمبر شاهه جي پٽيشن تي جي ڊي اي اڳواڻ سردار علي گوھر مهر سندس ڀاءُ راجا خان مهر ايس ايچ او ذوالفقار مهر، اي ايس آءِ ابوبڪر  سميت 29 ماڻهن تي  حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته وڪيل قمبر شاھ عدالت ۾ ڄاڻايل جوابدارن خلاف حملي جي پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنھن جي ٻڌڻي بعد عدالت جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.