گهوٽڪي(رپورٽر) پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمن ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران خانڳڙه جي گوهر پيلس اچڻ ۽ مهر سردار علي گوهر خان مهر ۽ سردار راجا خان مهر پاران سياسي سرگرمين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي شروعات ڪراچي ۾ هم خيال دوستن سان ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان ميڊم فريال ٽالپر سان پڻ سردار علي گوهر خان مهر ۽ سردار راجا خان مهر ملاقات ڪري گهوٽڪي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ان دوران اها ڳالهه به واضح ڪئي وئي ته ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو پيپلز پارٽي جي قيادت جي ڪيل فيصلي خلاف ڪم ڪري رهيا آهن جنهن بعد ان جي وضاحت ڪرڻ جي لاء پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر مير بابر خان لنڊ ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري سڪندر علي لاکو کي طلب ڪري ورتو آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ان جي تصديق ضلعي جنرل سيڪريٽري سڪندر لاکو ڪندي چيو آهي ته ضلعي صدر ۽ کيس ميٽنگ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته ضلعي صدر فون اٽينڊ نه ڪيو.