رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم-چڪ ۽ پني عاقل جي گڏيل ڪچي توڙي پڪي واري علائقن ۾ ھلندڙ مھر ۽ جتوئين جي 6 پاڙن دل ڳوٺائي مھر، ڪٻرا مھر، جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئي، قادراڻي جتوئي ۽ ڪرسي جتوئين وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب 15 مھينن ۾ ھڪ نينگري ۽ واٽھڙو نوجوان سميت 28 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن، جڏھن ته 31 مھرن جي ڌر جا ۽ جتوئين جي ڌر جا 21 ماڻھو پڻ زخمي ٿي پيا آھن، جڏھن ته زخمين ۾ اڪثريت نوجوانن جي آھي، ڄاڻايل ٽنھي علائقن ۾ خوني تڪرار تان شروع ٿيل ڇڪتاڻ سبب جھيڙيندڙ 6 ئي ڌرين دل ڳوٺائي مھر ڪٻرا مھر جنگا مھر ۽ ڪرسي قادراڻي مرڻاڻي جتوئين جي ڌرين جا ماڻھو عيد به مورچن ۾ ملھائين پيا، ان ڏس ۾ پنھنجي اخبار پاران گڏ ڪيل وڌيڪ ڄاڻ مطابق ته ڪرسي جتوئي ۽ موٽاڻي مھرن جو گذريل سال اڄوڪي ئي ڏينھن عيدالاضحيٰ تي موٽاڻي مھر ڌر جي مبينا طور اغوا ٿيل ٻن نوجوانن جي اغوا مسئلي تان جوابدارن فائرنگ ڪري بچل ڀيي جي ڪچي ۾ فصل جي حفاظت لاءِ بيٺل شاھه محمد عرف شاھو ڪرسي جتوئي کي قتل ڪيو، جنھن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، جنھن کانپوءِ ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ تان بروھي عرف غلام حيدر موٽاڻي قتل ٿي ويو، جنھن کانپوءِ ٻنھي ڌرين جا ماڻھو ھڪٻئي تي حملا ڪندا رھيا، جنھن ۾ عثمان ڪرسي جتوئي رياض موٽاڻي مھر ۽ ساڻس گڏ ويٺل عبدالجبار دل ڳوٺاڻي مھر معصوم نينگري اجالا ڌيءَ ارسلان موٽاڻي مھر سميت ھڪ واٽھڙو نوجوان ڳوٺ ولي محمد ڀيو واسي منيب ڀيو به قتل ٿي ويو، ٻئي طرف چوپايو مال جي چوريءَ تان ڀرڙ جتوئي ۽ گڻگائي مھر به اٽڪي پيا، جنھن ۾ پڻ سندن نوجوان رياض احمد گڻگائي مھر قتل ٿي ويو، ڪجھه مھينن اندر ھڪ واٽھڙو نينگر ۽ معصوم ٻارڙي سميت 8 ماڻھو قتل ٿيڻ کانپوءِ ٻنھي ڌرين جا چڱا مڙس جاڳي پيا، ۽ جھيڙيندڙ ڌرين کي راضي ڪري سندن سکر سرڪٽ ھائوس ۾ 13 نومبر 2024ع تي جرڳو ڪيو ويو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جي خونن ۽ ٻئي نقصان جا عيوضا مقرر ڪري کين ڀاڪر پارايا ويا، پر جرڳي کانپوءِ متاثر ڌرين کي مقرر وقت تي معاوضا نه ملڻ ڪري دل ڳوٺائي مھرن فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي لکي غلام شاھه ويجھو جھان خان ۾ 24 فيبروري 2025ع جي ڏينھن تي مقامي صحافي غلام رسول جتوئي جي پٽ قاري شبير احمد ڪرسي جتوئي کي قتل ڪرڻ بعد ڏوھه جو اعتراف ڪيو ۽ ھنن الزام ڏنو ته کين چڪ شھر ۾ موٽاڻي مھر ۽ ڪرسي جتوئي تڪرار تان قتل ٿيل واٽھڙو نوجوان عبدالجبار مھر در ڳوٺاڻي جو عيوضو ادا نه ڪيو ويو، جنھن سبب حافظ شبير احمد ڪرسي جتوئي کي پلاند طور قتل ڪيو ويو آھي، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، جنھن بعد قادراڻي جتوئي ڌر جي ھٿياربندن حملو ڪري چڪ ڀرسان بيٺل نوجوان جمشير ڪٻري مھر کي قتل ڪري سندس چوپايو مال ڦر ڪيو ويو، پلاند طور ڪٻرا مھر ڌر جي ماڻھن پاران حملو ڪري قادراڻي جتوئين جو ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ويڙھه ۾ ياسين قادراڻي جتوئي قتل ٿي ويو، ائين ئي قادراڻي ۽ ڪٻرا مھر ھڪٻئي تي حملا ڪندا رھيا، جنھن ۾ بھار عرف بابو قادراڻي ۽ عبدالله ڪٻرو مھر قتل ٿي چڪا آھن، ھوڏانھن ڪرسي جتوئي ڌر جي جوابدارن دل ڳوٺ ۾ مسجد ۾ ستل ٻن قاري نوجوانن حافظ عمر فاروق مھر محمد خان مھر ۽ ظھير احمد مھر کي اغوا ڪري ورتو، جنھن بعد رستي عمر فاروق مھر محمد خان مھر کي قتل ڪرڻ بعد سندن ٽئين ساٿي ظھير احمد مھر کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، ھوڏانھن گذريل سال 2024ع جي فيبروري مھيني ۾ رستم ۽ پني عاقل جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئين جي ڌرين ۾ سرڪاري زمين جي مالڪي تان تڪرار شروع ٿيو، جنھن ۾ ھن وقت تائين ٻنھي ڌرين جا ساڳئي تڪرار تان رستم ويجھو محمد آباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عامل مھر ۾ ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ قتل ٿيل ادريس مرڻاڻي جتوئي ۽ محرم مھر ڪٻري سميت رضا ڳوٺ جي ڪچي ۾ ولي محمد مرڻاڻي امام الدين مرڻاڻي خوش محمد مرڻاڻي پٺاڻ مرڻاڻي شھوال مرڻاڻي محمد عظيم مرڻاڻي جتوئي ۽ جنگا مھر ڌر جا حفيظ جنگو علي شير جنگو حسين بخش جنگو امداد علي جنگو ۽ سندس ڀاءُ ابراھيم جنگو مھر قتل ٿي چڪا آھن، جڏھن ته مٿي ذڪر ڪيل سمورين ڌرين جا 52 ماڻھو زخمي ٿي چڪا آھن، جنھن ۾ اڪثريت نوجوانن جي آھي، جيڪي زخمي ٿيڻ بعد بھتر علاج نه ٿيڻ ڪري معذوري واري زندگي گذارين ٿا.جڏهن ته  تڪرارن سبب رستم ،محمد آباغ ،چڪ ۽ پني عاقل جو سانگي شھر ويران بڻجي ويا آھن، شھرن ۾ ھٿياربند موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي گشت ڪندا رھن ٿا، جنھن سبب عيد خريداري وارو عمل به نه ٿي سگھيو، جنھن سبب ڪاروباري ماڻھن جو چوڻ ھو ته سندن ڪاروبار کي تمام وڏو نقصان رسيو آھي،  ٻي طرف جتوئي ۽ مھرن جي 6 پاڙن ۾ ھلندڙ تڪرار سبب تعليم کاتي جي ذريعن موجب چار کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند ٿي ويا آھن، جنھن ۾ رضا ڳوٺ جو پرائمري اسڪول ۽ ڳوٺ عامل مھر واري اسڪول سميت ويڙھه واري علائقن ۾ قائم ٻيا اسڪول شامل آھن.

جرڳي باوجود عيوضا نه ملڻ تان وري ڇڪتاڻ شروع

رستم: سکر سرڪٽ ھائوس ۾ جرڳو گڻگائي مھر موٽاڻي مھر، دل ڳوٺائي مھر ۽ ڪرسي جتوئي قادراڻي جتوئي ۽ ڀرڙ جتوئين جو ڪيو ويو، جنھن ۾ جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئين وچ ۾ ھلندڙ تڪرار جي خاتمي بابت به ذريعن مطابق سرپئنچن پاران ھڪٻئي ۾ ڳالھه ٻولھه ڪئي وئي، پر ذريعن موجب ھڪ بااثر رڪاوٽ بڻيو، جنھن سبب جنگا مھر ۽ مرڻاڻي جتوئين جي ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جو ته نبيرو نه ٿي سگھيو، پر ڄاڻايل ڌرين ۾ ٿيل جرڳي به جٽا نه ڪئي، متاثر ڌرين کي عيوضا نه ملڻ ڪري ڇڪتاڻ ٻيھر شروع ٿي وئي آھي، جنھن ۾ ھن وقت جرڳي کانپوءِ ڪرسي جتوئي قادراڻي جتوئي ۽ ڪٻرا مھر ۽ دل ڳوٺائي مھرن ۾ تڪرار ھلندڙ آھي، جنھن ۾ جرڳي کانپوءِ 7 ماڻھو شبير احمد ڪرسي جتوئي عمر فاروق مھر جيڪي ٻئي حافظ ھئا، محمد خان مھر دل ڳوٺائي جمشير مھر ڪٻرو عبدالله مھر ڪٻرو ياسين قادراڻي ۽ بھاول عرف بابو قادراڻي قتل ٿي چڪا آھن، جڏھن ته ڌريون ھن وقت تائين فيصلي واري ڳالھين تي عمل ڪندي نظر اچن ٿا، ذريعن مطابق کين ٿيل خونن توڙي ٻئي نقصان جا عيوضا نه ملي سگھيا آھن.

28 ڄڻا قتل، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪا به گرفتاري نه ٿي !

رستم: قبائلي ويڙھه سبب قتل ٿيل واٽھڙو نينگر ۽ معصوم نينگري سميت قتل ٿيل 28 ئي مقتولن جا ڪيس داخل ھجڻ باوجود لاڳاپيل ٿاڻن جي پوليس ھڪ به جوابدار کي گرفتار ڪري سگھي آھي، ان ڏس ۾ ڊي ايس پي لکي غلام شاھه محمد علي سومري ٻڌايو ته ڪوشش ڪيون ٿا ته تڪرار تي ضابطو آڻي سگھجي، جيئن جھيڙيندڙ ڌرين جا ھٿياربند عيد جي ڏينھن ڪنھن ڌر جو نقصان نه ڪري سگھن، باقي ذاتي دشمني جي ڪيسن ۾ نامزد ٿيل جوابدار فرار ٿي ويندا آھن، جنھن ڪري پيش رفت نه ٿي سگھي آھي.

ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب 96 ٻارڙا يتيم ٿي ويا، تعليم متاثر

رستم: جتوئي ۽ مھر ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار سبب 96 ٻارڙا يتيم ٿي چڪا آھن، جنھن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته شبير احمد ڪرسي جتوئي کي 5 پٽ 3 ڌيئرن جو اولاد ھيو، عبدالجبار مھر دل ڳوٺائي کي چار پٽ ٻن ڌيئرن جو اولاد ھيو، ولي محمد مرڻاڻي چئن پٽن ۽ پنج نياڻين جو پيءُ ھيو، امام الدين مرڻاڻي جتوئي 9 پٽن 7 ڌيئرن جو پيءُ ھيو، خوش محمد کي ٻه ڌيئر پنج پٽ آھن، ادريس مرڻاڻي به ٻن پٽن جو پيءُ ھو، پٺاڻ مرڻاڻي ھڪ معصوم پٽ ڇڏي ويو آھي، جڏھن ته شھوال مرڻاڻي عظيم مرڻاڻي جتوئي ۽ عمر فاروق مھر ۽ محمد خان دل ڳوٺائي مھر جي شادي ئي نه ٿيل ھئي، حفيظ جنگي مھر کي چار ٽي ڌيئر آھن، علي شير جنگو مھر کي به ٽي ڌيئر ھڪ پٽ جو اولاد آھي، حسين جنگو مھر کي صرف چار معصوم نياڻيون ھيون، امداد مھر جنگو کي ھڪ پٽ 2 نياڻيون آھن، ۽ سندس ڀاءُ محمد ابراھيم جنگو مھر ٻن معصوم ڌيئرن جو پيءُ ھيو، بروھي عرف علي حيدر موٽاڻي مھر ٽن پٽن ۽ پنج ڌيئرن جو پيءُ ھيو، رياض موٽاڻي مھر کي به ٽي پٽ جو اولاد آھي، شاھه محمد ڪرسي جتوئي ھڪ پٽ ٻن ڌيئرن جو والد ھيو، عبدالله مھر ڪٻرو ھڪ پٽ ٽن ڌيئرن جو پيءُ ھيو، جمشير ڪٻرو مھر کي ھڪ پٽ ھڪ ڌيءُ آھي، ياسين قادراڻي ۽ بابو عرف بھار قادراڻي جتوئي کي 2-2 پٽ ۽ ھڪ ھڪ ڌيءُ جو اولاد آھي، جڏھن ته ڀرڙ جتوئي ۽ گڻگائي مھرن جي تڪرار ۾ قتل ٿيل نوجوان اعجاز مھر کانپوءِ سندس ٻه پٽ يتيم ٿي ويا آھن.

 

تڪرار سان واسطو ناهي، بيگناهه پٽ کي قتل ڪيو ويو: احمد الدين فاروقي

رستم: مقتول قاري عمر فاروق مھر جي والد نعت خوان احمد الدين فاروقي ٻڌايو ته سندن تڪرار سان ڪو به واسطو نه ھيو، ھٿياربندن سندس پٽ کي بيگناھ مسجد مان اغوا ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سبب سندس خوشحال گھر اجڙي ويو،اسان ذات پرستي کان گھڻو پري رھيا آھيون  پر تنھن باوجود به بيگناھه قبائلي ويڙھه ۾ ڦاسائي ظلم ڪيو ويو.

سکر سرڪٽ ھائوس ۾ جرڳي دوران واٽھڙو مقتول نوجوان جو معاوضو مقرر نه ڪيو ويو هو

رستم: سکر سرڪٽ ھائوس ۾ جرڳي دوران واٽھڙو قتل ٿيل نوجوان منيب ڀيو جو معاوضو مقرر نه ڪيو ويو، جنھن سبب مقتول نوجوان جا وارث ھيل تائين انصاف لاءِ منظر آھن، سندن چوڻ آھي ته سندن نوجوان واٽھڙو قتل ٿي ويو، جرڳائين پاران سکر سرڪٽ ھائوس ۾ جتوئي ۽ مھرن جي پاڙن ھلندڙ تڪرار جي خاتمي وقت سندس خون جو ڪوبه معاوضو مقرر نه ڪيو ھو، ۽ نوجوان جي ڪل عمر 19-20 سال ھئي، سندس شادي نه ٿيل ھئي.