حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ مهراڻ يونيورسٽي ۽ شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز بورڊز کي نوٽيس جاري ڪندي کين 3 اپريل تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. شھيد الله بخش سومرو يونيورسٽي جي ملازم رائو عبدالرازق ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته 11 نومبر 2021ع تي لاڳاپيل عدالت ٻنهي يونيورسٽيز جي وي سيز کي غير قانوني ڀرتيون ختم ڪري او پي سي تي ويٺل سمورن ملازمن کي اصل جاين تي واپس موڪلڻ جو حڪم ڏنو پر عملدارن ان تي اڃا تائين ڪو به عمل ناهي ڪيو. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل بئنچ ڪئي. درخواست گذار عدالت کي آگاهي ڏني ته شھيد الله بخش سومرو يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي به ٺاهي جنهن ۾ رڳو سندس پروموشن کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته باقي او پي ايس توڙي ڪيڊر تبديل ڪري سڻڀين پوسٽن تي ويٺل عملدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي ان لاءِ سندس استدعا آهي ته لاڳاپيل عدالت 3 سال اڳ ڏنل حڪم تي عمل لاءِ سموريون غيرقانوني ڀرتيون ۽ آئوٽ آف ٽرن پروموشن رد ڪري عملدارن کي مليل مراعتون واپس وٺڻ جو حڪم ڏي. عدالت درخواست گذار جي استدعا بعد ايندڙ ٻڌڻي تي مھراڻ يونيورسٽي ۽ شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي جي وائيس چانسلرز کي به سمورا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.