ڄامشورو(رپورٽ: مرتضيٰ نوحاڻي) مهراڻ يونيورسٽي ۾ آءِ ٽي اسسٽنٽ پاران ڪيترين ئي شاگردياڻيون کي مبينا طور هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، 8 ڏينھن اڳ شاگردياڻين پاران ميڪاٽانڪس شعبي جي سينيئر آئي ٽي اسسٽنٽ محمد ابراهيم لاشاري تي دوستي لاءِ تنگ ڪرڻ جي الزام هڻندي وائيس چانسلر کي ڏنل درخواست تي اينٽي هراسمنٽ ڪميٽي پاران الزام هيٺ آيل سينيئر آءِ ٽي اسسٽنٽ محمد ابراهيم لاشاري ۽ شاگردياڻين جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب ڄاڻ ملي آهي ته ڄاڻايل جوابدار خلاف ٽن الڳ الڳ شاگردياڻيون انتظاميا کي لکت ۾ آئي ٽي اسسٽنٽ پاران دوستي لاءِ تنگ ڪرڻ جي شڪايت ڪئي آهي جنھن تي يونيورسٽي جي اينٽي حراسمنٽ ڪميٽي پاران الزام هيٺ آيل سينيئر آئي ٽي اسسٽنٽ ۽ شاگردياڻين جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن رابطو ڪرڻ تي ڪميٽي ميمبر حافظ ارشد ٻڌايو ته جاچ هلي رهي آهي ڪميٽي جي سفارش تي سينيئر آئي ٽي اسسٽنٽ کي سسپينڊ ڪري رجسٽرار آفيس رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، شاگردياڻيون پاران الڳ الڳ شڪايتون ڪيون ويون آهن اسڪرين شارٽ ۽ ٻيو مواد مليو آهي جنھن تي جاچ ڪميٽي پنهنجي تفصيلي رپورٽ جلد وائيس چانسلر کي ڏيندي.