ڄامشورو(رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مختلف شعبن جي 20هين بيچ جي شاگردن پاران الوداعي ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو، پاس آئوٽ ٿيندڙ بيچ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي لباس پائي، لوڪ گيتن تي رقص ڪري، گاڏين ۾ ريليون ڪڍي ڪيمپس کان موڪلايو مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي، استادن ۽ تدريسي شعبن جي سربراهن سان گڏجي شاگردن جي الوداعي رسمن ۾ شرڪت ڪئي، انھي موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي چيو ته مهراڻ جو نالو ۽ ساک شاگرد آهن، دنيا ۾ مهراڻ جو جيڪو نالو آهي اهو شاگردن جي ڪارڪردگي ۽ ناماچاري جي ڪري آهي، هي لمحا شاگردن لاءِ ڏکوئيندڙ آهن ۽ والدين ۽ استادن لاءِ خوشي وارا آهن، جو شاگرد ڪامياب ٿي پيا وڃن “مهراڻين زندگي سڄي مهراڻين رهندو.” وائيس چانسلر چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ گذريل لمحا 20هين بيچ کي ياد رهندا، الوداعي تقريبن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي وقتي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر آفتاب ميمڻ، ڊين فيڪلٽي پروفيسر ڊاڪٽر خانجي هريجن ۽ تدريسي شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي. الوداعي ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان يونيورسٽي جي سڀني شعبن جا سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون ثقافتي لباس پهري ڪيمپس پهتا. شاگردن کي سنڌي ٽوپيون، پٽڪا ۽ اجرڪ اوڍيل هئا ۽ شاگردياڻين کي سنڌي ۽ بلوچي گج وارا منفرد لباس پهريل هئا. ڪارون ۽ ٻيون گاڏيون به ثقافتي رنگن سان سينگاري آنديون ويون.