مهتاب ڏهر حملي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهايون، شر برادري جي 20 گھرن کي باهه، ڪيترائي ڊاهي پٽ

0
21
مهتاب ڏهر حملي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهايون، شر برادري جي 20 گھرن کي باهه، ڪيترائي ڊاهي پٽ
مهتاب ڏهر حملي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهايون، شر برادري جي 20 گھرن کي باهه، ڪيترائي ڊاهي پٽ

ڏهرڪي/اوٻاوڙو(نمائندن وٽان) گذريل ڏينهن ايم پي اي ڄام مهتاب حسين ڏهر مٿان ٿيل حملي ۾ مارجي ويل سندس جيالو محافظ ظفر ڏهر جي ڳوٺ ماڙي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ شهرين توڙي سياسي سماجي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد سندس مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، واقعي جو هن مهل تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن حملي کانپوءِ پوليس اٽالن ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو جي اڳواڻي ۾ شر برادري جي ڳوٺن ڳوٺ صوبدار شر، حاصل شر ۽ سولي اسٽاپ وٽ بڪتر بند گاڏيون ساڻ ڪري آپريشن ڪيو، جنهن دوران 20 کان وڌيڪ گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو ۽ ڊاهي پٽ ڪيو ويو، پوليس جي خوف کان ڪيترائي ڳوٺاڻا گهر خالي هليا ويا، پوليس جو چوڻ آھي ته شر برادري جا ماڻهو حملي ۾ ملوث آھن، جن خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

حساب وٺنداسين: شر چڱي مڙس جي ڄام مهتاب ڏهر کي ڌمڪي

ڏهرڪي: پوليس ڪاررواين کان پوءِ ڳوٺ صوبدار شر جي چڱي مڙس الياس شر وڊيو بيان ۾ ڄام مهتاب ڏهر کي ڌمڪي ڏيندي چيو آھي ته  ڄام مهتاب اسان سان 20 سالن کان ناجائزيون ڪندو پيو اچي، هاڻي هن ناانصافي جي حد ڪئي آهي، هن دفعي ڄام مهتاب ڏهر جيڪا زيادتي ڪئي آھي ان کي هاڻي معاف نه ڪندا سين، متان چوي ته شرن نه ٻڌايو هو، ان جو هر صورت بدلو وٺنداسين، اسان جا گهر ڪهڙي ڏوهه ۾ ڊاهيا ويا آھن، هن چيو ته جي آءِ ٽي ٽيم يا ڪنهن ٻئي طريقي سان ايس ايس پي اسان کي ڏوهي ڪري پوءِ اسان ڏوهي آهيون ته اسان جو ڀلي نقصان ٿئي اسان جا ناحق گهر ڊاهي لکين رپين جو نقصان ڪيو ويو آھي، حساب وٺنداسين.

پوليس کي ڏسون پيا، شر ڌر جا گهر ڊاهڻ جي خبر ناهي: مهتاب ڏهر

ڏهرڪي: ڄام مهتاب ڏهر ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پوليس کي ڏسي رهيا آهيون ڇا ڪري رهي آهي، اسان پنهنجي محافظ  جي تدفين  ڪئي آهي ۽ پري پري کان مهمان اچي رهيا آهن، جيئن ئي فارغ ٿينداسين ته ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسين، جيڪي جوابدار آهن انهن کي گرفتار ڪرائي پوءِ سک جو ساهه کڻندس، ڄام مهتاب ڏهر چيو ته پوليس آپريشن ڪري گهر ڊاهيا مون کي ڪا خبر ناهي، اسان تدفين ۾ تڏي تي آهيون جلد ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

فريادي ايندا ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي: پوليس

ڏهرڪي: هوڏانهن واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي کينجهو پوليس جو چوڻ آھي ته فريادي ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ناهن پهتا جيئن ئي فريادي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.

زخمي ڊرائيور جي حالت نازڪ

ڏهرڪي: حملي ۾ زخمي ٿيل ٽن ڄڻن مان هڪ ڄڻو ڊرائيور اختر پٺاڻ گمبٽ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته ٻن زخمين اسد شاهه ۽ چنيسر پهنور جو علاج رحيميارخان جي اسپتال ۾ هلندڙ آهي.