مها ڪرپشن جو ميگا اسڪينڊل

0
17
کنڊ: ايڪسپورٽ- امپورٽ راند

هونئن ته ڪرپشن سڄي ملڪ جو مسئلو آهي پر سنڌ ۾ ڪرپشن کي جيڪا انتظامي سطح تي قبوليت حاصل آهي، تنهن سڄي سرشتي کي کوکلو ۽ بي وقعت بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن سنڌ ۾ سرڪاري کاتن ۾ ٿيندڙ ‘عجب ڪرپشن جون غضب ڪهاڻيون’ سامهون اچن ٿيون ته ان کي ڏسندي دنيا جا وڏي ۾ وڏا ڌاڙا به هيچ نظر اچن ٿا. هونئن ته ڪرپشن ۾ سنڌ جي سمورن کاتن جو ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ڪو جيس ۽ جوڙ نه آهي، پر خزاني، روينيو ۽ پوليس کاتن جي اُڏام بنهه اوچي آهي ۽ انهن ۾ به خزاني وارو کاتو ‘نمبر- ون’ آهي. ان کاتي جو امتياز اهو آهي ته، اهو پورٽ فوليو سنڌ جي انتظامي سربراهه وٽ آهي. ان کاتي جي ڪامورا شاهي هونئن ته ترقياتي رٿائن ۽ ٻين جائز ڪمن لاءِ فنڊ رليز ڪرڻ ۽ حقيقي خرچ لاءِ ناڻي تي نانگ بڻجي ويٺل هوندي آهي، ان کاتي جي ڪامورڪي ڪُڻم جو هاضمو اهڙو آهي، جو ‘پٿر هضم- لڪڙ هضم’. ان کاتي جون ضلعي اڪائونٽس آفيسون (ٽريزري آفيسون) ڪرپشن جا مها ڳڙهه بڻيل آهن ۽ اهڙا انڪشاف وقت بوقت سرڪاري آڊٽ رپورٽن ۾ ٿيندا رهن ٿا. اهڙين ئي ڪرپشن جي وڏين وارداتن جو انڪشاف مالي سال 25-2024ع جي رپورٽ ۾ پڻ ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب: دادو، نوشهرو فيروز، ڄامشورو، شهيد بينظير آباد، ٺٽو، خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ضلعن جي اڪائونٽس آفيسن ۾ جعلي، مدي خارج ۽ غلط شناختي ڪارڊن جي بنياد تي پينشنرن کي هڪ ارب، 46 ڪروڙ، 54 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن. پينشن، جي پي فنڊ ۽ ايل پي آر جي ادائگين ۾ 5 ارب، 46 ڪروڙ، 54 لک، 20 هزار رپيا جاري ڪيا ويا، جڏهن ته رٽائر ٿيل ملازمن جي پينشن جي مد ۾ سندن اصل رقم کان هڪ ارب، 20 ڪروڙ 61 لک، 41 هزار رپيا وڌيڪ ادا ڪيا ويا.

ڪرپشن جو ڪينسر سنڌ جي سرير ۾ سرايت ڪري ويو آهي. هتي هڪ طرف رشوت حق سمجهي ورتي وڃي ٿي ته ٻئي طرف عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي ڌاڙا هنيا وڃن ٿا، جن تي انتظامي طرح ڪا به روڪ رنڊڪ نظر نٿي اچي. توڙي جو ڪيترائي احتساب جا ادارا، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا موجود آهن، جيڪي ڪرپشن کي روڪڻ بدران پاڻ به ڪرپشن جي واهڙ مان هٿ ڌوئي رهيا آهن. ضلعي اڪائونٽس آفيسن جي حالت ته بنهه خراب آهي، جتي هر شئي جي ‘ريٽ لسٽ’ موجود آهي. سمورن کاتن جا قلمدان رکندڙ وزير، سنڌ جي انتظامي سربراهه آڏو ذميوار آهن، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، سڀ کان گهڻي ڪرپشن به ناڻي کاتي ۾ ٿئي ٿي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، “ڌَڻ، ته ڌڻي، نه ته وِڪڻ کڻي”. سنڌ ۾ ناڻي کاتي لاءِ ڪو سنڌ جي منتظمين کي ڪو اهل ماڻهو نظر نه آيو، جنهن کي اهو کاتو ڏنو وڃي ها. ظاهر آهي ته سنڌ جي انتظامي سربراهه وٽ اهم انتظامي ذميواريءَ کان سواءِ ٻين کاتن جا قلمدان به آهن ۽ جڏهن اهي کاتا مشيرن، صلاحڪارن ۽ مددگارن جي ذريعي هلايا ويندا، ته انهن کاتن جي ڪارڪردگيءَ تي اثر ڪيئن نه پوندو! هر ڀيري مها ڪرپشن جا ميگا اسڪينڊل ظاهر ٿين ٿا پر حيرت اها آهي ته اڪثر معاملن ۾ “ڏِنو، پُٽ ڇٽي جو” واري فارمولي تحت انهن کي اهو ڌاڙو ڦٻي وڃي ٿو. ايتري قدر جو سنڌ جو انتظامي سربراهه به عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي ڌاڙيواليءَ جو نوٽيس نٿو وٺي يا وري جڏهن نوٽيس ورتو به وڃي ٿو ته ملوث ماڻهن کي سخت جڪڙ ۾ نٿو آندو وڃي.

ڪرپشن سنڌ جي سموري انتظامي ڍانچي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور تي ضلعي اڪائونٽ آفيسن ۾ ٿيندڙ ڌاڙيواليءَ تي سنڌ جي منتظمين کي ڳڻتي نه هجڻ به وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اثرائتا اُپاءَ ورتا وڃن. ضلعي اڪائونٽس آفيسن جو انتظام شفاف بڻايو وڃي. ڪرپشن کي ادارتي قبوليت هجڻ جي ڪري هاڻي ان کي معيوب نٿو سمجهيو وڃي، جيڪا ڪنهن سسٽم جي تباهيءَ جي انتها آهي.