ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر ) مقبول باقر چيو آهي ته مهاڻا رڳو سمنڊ جا محافظ نه پر اسان جو ثقافتي ورثو آهن، اهي قديم روايتن کي برقرار رکندا پيا اچن، جيڪا نسلن کان هلندي پئي اچي، ڪالهه مهاڻن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ميري ٽائيم افيئرز پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مهاڻن جي عالمي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سندن مالي مسئلن ۽ سندن ترقي تي غور ڪرڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي سامونڊي پٽي 1000 ڪلو ميٽرن تي مشتمل آهي، اتان جارهواسي مهاڻا ملڪي معيشت ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سامونڊي برآمدات (ايڪسپورٽ) 496 ملين ڊالرن تي پهچي وئي آهي.