ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ڪري 2024ع ۾ مجموعي معاشي حالتون بهتر ٿيون، سالياني فليگ شپ 2024ع لاءِ مالي استحڪام بابت  جائزي ۾ چيو ويو آهي ته 2024ع دوران مجموعي معاشي حالتن ۾ نمايان بهتري آئي. جڏهن ته ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم ٿيو ، معاشي سرگرمين ۾ واڌ ۽ اڪائونٽس بيلنس ۾ بهتري آئي، اسٽيٽ بينڪ موجب  معاشي ماحول ۾ تبديلي سان گڏ مالي مارڪيٽن ۾ لاها چاڙها پڻ گهٽجي ويا آهن، بينڪنگ شعبي مسلسل ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ پنهنجي مالي طاقت کي برقرار رکيو، 2024ع دوران بينڪن جي بيلنس شيٽ ۾ 15.8 سيڪڙو واڌ ٿي. رپورٽ ۾ ڪارپوريٽ شعبي جي مالي صحت جو پڻ جائزو ورتو ويو. رپورٽ موجب ته اثاثن ۾ واڌ سيڙپڪاري ۽ قرضن جي ڪري ٿي، جڏهن ته خانگي شعبي جي قرض ۾ مسلسل بحالي ڏسڻ ۾ آئي.