مهانگائي ۽ ڊالر قابو ۾ ڇو نه ٿا اچن؟

0
54
دريائي چاڙهه،ٻوڏ ۾ تبديل ٿيڻ کان بچاءَ جي تياري آهي؟

ملڪ ۾ جيئن جيئن سياسي بحران وڌندو ٿو وڃي تيئن تيئن معاشي حالتون تباهي طرف تيزي سان  وڌي رهيون آهن.ڇاڪاڻ ته معاشي حالتون بحران کان وڌي تباهي واري رستي تي هلي پيون آهن جنهن  ۾ ملڪ جي ڏيوالي جو خطرو آهي. ايستائين جو خبرون اهي به پيون اچن ته آرمي چيف مجبور ٿي آمريڪي ڊپٽي سيڪريٽري کي  فون ڪري چيو آهي ته آءِ ايم ايف تي زور ڀريو وڃي ته اهي قرض جي قسط ڏيڻ ۾ جلدي ڪن. انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته معاشي حالتون وڃي ڪٿي پهتيون آهن. هڪ طرف اهو پاسو آهي ته ٻئي طرف وري انهن حالتن جي ڪري ڊالر کي جيڪي پر لڳي ويا آهن اهي انهي کي مٿي ئي مٿي اڏائيندا ٿا رهن، جنهن ڪري وري ملڪ ۾ مهانگائي جو به هڪڙو اهڙو طوفان آيل آهي جيڪو بيهڻ جو نالو نه ٿو وٺي. انهي سڄي صورتحال ۾ عوام جي حالت ڇا وڃي ٿي آهي انهي جي شايد ڪنهن کي به پرواهه نه آهي.

ڪو به ملڪ يا حڪومت سياسي عدم استحڪام هوندي ملڪ کي معاشي بهتري ڏانهن نه ٿو وٺي وڃي سگهي، اهو ئي هتي به ٿي رهيو آهي. ٽن مهينن کان بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽايل حڪومت کانپوءِ نئين آيل حڪومت نه رڳو سياسي بحران بلڪه آئينيبحران کي به منهن ڏئي رهي آهي، جنهن ڪري ملڪي معيشت جون حالتون بهتر ٿيڻ بدران بدتر ٿي رهيون آهن. سرڪاري انگ اکر آهن ته هن هفتي مهانگائي جي شرح 3 سيڪڙو واڌ سان هن وقت ذري گهٽ 38 سيڪڙو تي پهتي آهي، جيڪا 2018ع کان اڳ هڪ عدد ۾ هئي. اڳوڻو وزيراعظم چئي رهيو آهي ته اسان جي حڪومت ۾ اها مهانگائي جي شرح 16 سيڪڙو تائين پهتي  هئي، جڏهن ته هن  وقت جا حڪمران انهي سڄي بحران ۽ مهانگائي جو ذميوار اڳوڻي حڪمرانن کي قرار ڏئي رهيا آهن. اسان  جي اها به  بدقسمتي رهي آهي ته  ڪا  به ڌر ڪڏهن  به پنهنجي ذميواري کي قبول نه ڪندي آهي بلڪه اڳوڻي حڪومت تي الزام  هڻي پنهنجي جان ڇڏائيندي رهي آهي.

جيڪڏهن ايئن  ڏسجي ته ڀلي اڳوڻي حڪومت خرابيون  پيدا ڪري وئي هجي پر جيڪا ان وقت صورتحال هئي يا مهانگائي هئي ان کي اتي ئي برقرار رکجي ها  اها وڌيڪ وڌي عوام لاءِ پريشانين جو سبب ڇو بڻائي  وئي. جيڪڏهن 2018 ع تائين  مهانگائي 9 سيڪڙو تائين هئي ته ان  کي 16 سيڪڙو تائين پهچائڻ جي ذميوار ته اڳوڻي حڪومت چئبي ۽ جيڪڏهن انهي 16 سيڪڙو واري مهانگائي کي ذري گهٽ 38 سيڪڙو تائين پهچايو ويو آهي ته  انهي جا ذميوار ته هي حڪمران آهن،  جيڪي معاشي حالتن کي سنڀالي نه سگهيا. جيڪڏهن هر ذميواري  اڳوڻين حڪومتن تي لڳائي ويندي ته پوءِ هنن حڪمرانن جي باقي ذميواري رڳو ڪرسي تي ويهي پروٽوڪول وٺڻ آهي ڇا؟ انهي سڄي صورتحال ۽ مهانگائي ۾ جيڪو ڪجهه عوام سان ٿي رهيو آهي انهي جي پرواهه نه حڪمرانن کي آهي نه ئي مخالف ڌر کي، ڇو ته هو عوام جي نالي تي رڳو پنهنجي مفادن جي سياست ڪري رهيون آهن. هوڏانهن ڊالر جو اگهه به وڃي اڍائي سئو رپين تائين پهتو آهي جنهن سان نه رڳو غير ملڪي قرضن جو بار وڌي رهيو آهي پر کاڄري تيل کان وٺي ٻيون شيون جيڪي ٻاهران گهرايون وينديون آهن انهن جا اگهه به وڌي ويندا جيڪو بار به عام عوام تي ئي پئجي رهيو  آهي.

اسان سمجهون ٿا ته حڪمران  اڳوڻين حڪومتن تي معاشي بدحالي جا الزام ڀلي هڻن پر انهن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار به ادا ڪن. ڇاڪاڻ ته ڊالر جي اگهه ۾ مسلسل واڌ ۽ مهانگائي ۾ اضافي سان عام عوام هاڻي کائڻ پيئڻ جون شيون خريد ڪرڻ جهڙو به نه رهيو آهي، ايئن نه ٿئي ته بک تي ويٺل عوام انهن حڪمرانن ۽ سياسي ڌرين خلاف رستن تي اچي وڃن ۽ اهي هڪٻئي تي الزام هڻڻ جهڙا به نه رهن.