ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمٰن قمبراڻي) ميھڙ واسي هن سال عيد جي خوشين جي ڏينھن تي به سخت مايوسي ۽ تڪليفن جو شڪار رهيا شھر ۾ امن امان جي خراب صورتحال، بجلي ۽ گيس جي لامحدود لوڊشيڊنگ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ، صفائي جو ناقص نظام، روڊ رستا ۽ گهٽيون ٽٽل هجڻ سميت عام زندگي جا اڻ ڳڻيا مسئلا عوام لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن ان سان گڏ، مارڪيٽن ۾ وڌندڙ مهانگائي به ميھڙ واسين جا ڏينهن ڪارو ڪري ڇڏيا آهن، روز مرهه جي ضرورتن جون شيون، خاص ڪري عيد لاءِ خريداري ڪندڙ خاندانن لاءِ قيمتون هٿ کان نڪري ويون آهن، جنهن سبب عام ماڻهو جي عيد خوشين تي ڳري ڇانيل رهي آھي، ان حوالي سان ميھڙ جي شھرين، دڪاندارن ، واپاري ، سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ضلع دادو بار جي صدر وڪيل عبدالخالق ٻگھيو ، ميھڙ بار جي جنرل سيڪريٽريءَ وڪيل منور جتوئي ، ميھڙ ڪلاٿ مارڪيٽ جي صدر عبدالخالق شيخ، عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ وڪيل سعيد پنھور ، وڪيل ساجد چانڊيو ، وڪيل عبدالستار ڇاٻرو ، جميل ڀٽو ، بدرالدين خاصخيلي، ظاھر ڀٽو ۽ ٻين ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ميھڙ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ نه امن آهي، نه بجلي، ن، گيس نه پاڻي، نه ئي روڊ رستا ٺھيل آھن ۽ هاڻ ته کاڌي پيتي جون شيون به آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن، اسان جي عيد ته صرف نالي جي رهجي وئي آهي ھنن چيو ميھڙ ۾ ٻن ٿاڻن، ڊي ايس پي ۽ ون فائيو آفيسون ھجڻ باجود به امن امان جي صورتحال خطري ۾ پئجي وئي آھي، ميھڙ جا شھري غير محفوظ بڻيل آھن جڏھن ته بجلي ۽ گيس جي مسلسل لوڊشيڊنگ به عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته ميھڙ ۾ عيد جي ڏينھن ۾ به شھرين کي صاف پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي گھٽين ڪالونين ۽ رھائش علائقن ۾ صفائي وارو نظام به ناڪارا بڻجي ويو آھي، جڏھن ته روڊن رستن ۽ گهٽين جي زبون حالت آھي روڊ رستا ھنڌا ھنڌا ٽٽي پيا آھن، ماڻھو گھمڻ ڦرڻ لاءِ به پريشان بڻيل آھن ھنن چيو ته وڌندڙ مهانگائي به عوام لاءِ وڏي مشڪل بڻجي وئي آھي، مھانگائي سبب بازارون ۽ مارڪيٽون عيد جي ڏينھن ۾ به کالي پيل آھن، روزگار انتھائي متاثر ٿيڻ لڳو آھي ميھڙ جا رهواسي سخت مايوسيءَ جو شڪار آهن ۽ مطالبو ڪن ٿا ته چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي انتظاميا کي فوري طور سنجيده قدم کڻڻا پوندا ۽ حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائي ميھڙ جي شھرين ۾ مايوسي ختم ٿي سگھي ۽ عيد جون خوشيون بحال ٿي سگھن.