مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي دعويٰ ڪوڙ قرار، وزير مارڪيٽ گڏ هلن سڀ خبر پئجي ويندي: پي ٽي آءِ

0
17
مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي دعويٰ ڪوڙ قرار، وزير مارڪيٽ گڏ هلن سڀ خبر پئجي ويندي: پي ٽي آءِ
مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي دعويٰ ڪوڙ قرار، وزير مارڪيٽ گڏ هلن سڀ خبر پئجي ويندي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو آهي ته مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي حڪومتي دعويٰ ڪوڙي آهي، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته وزير مون سان گڏ مارڪيٽ هلن سڀ خبر پئجي ويندي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ ڪا به سيڙپڪاري نه ٿي آهي، انڊسٽريز ۾ گروٿ ٻڙي ٿي وئي آهي، هن وقت ڪڻڪ جي قيمت وڌي وئي آهي، معيشت تباهي جي طرف وڃي رهي آهي. چون ٿا ته ملڪي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي اهو ڪٿي آهي اسان کي نظر نٿو اچي. ملڪ هن وقت بدحاليءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي، رپئي جي قيمت ۾ گهٽتائي اچڻ سان 120 ارب روپين جو اضافي قرض چڙهيو آهي،  هن چيو ته  1400 ارب جي ترقياتي بجيٽ مان صرف 92 ارب خرچ ٿيا. ٽي مهينا باقي آهن هن وقت تائين صرف 8 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ خرچ ٿي آهي. سلمان اڪرم راجه چيو آهي ته هن وقت ملڪي معيشت جي حالت خراب آهي، مارچ 2022 ۾ اٽو 20 رپيا ۽ اڄ 100 رپيا آهي. گيهه 350 رپين کان 500 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. 70 کان 80 سيڪڙو مهانگائي ٿي آهي ڇا ماڻهن جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان وٽ نوڪريون بلڪل ختم ٿي ويون آهن.سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته حڪومت جو بنياد ئي غلط رکيو ويو هو. ڪنهن ٻئي جو مينڍيٽ کڻي انهن ماڻهن کي مڙهيو ويو. پاور سيڪٽر کي ئي ڏسو تباهي ڪناري پهچايو ويو آهي.