ڪراچي( رپورٽ: دودو چانڊيو)  پ پ  حڪومت جا  وزير رهندڙ مهانگائي ۽ مشڪل وقت ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل، پ پ ذريعن موجب اڳوڻا صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاھه پ پ قيادت سان ملاقات لاءِ هن وقت دبئي پهتل آهن، جڏهن ته سردار شاهه لنڊن ۾ آهي، پورهيتن واري کاتي جو وزير رهندڙ سعيد غني پڻ آمريڪا پهچي ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پ دور ۾ سڀ کان وڌيڪ اختيار رکندڙ انهن وزيرن کي مڪيش چاولا بعد نيب انڪوائرين جو خطرو آهي، انهي ڪري اهي آهستي آهستي پرڏيهه وڃي رهيا آهن