شاهپورچاڪر (ن پ ا) عورتن جي سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم هوم بيسڊ وومين دستڪاري ورڪرز يونين پاران مرڪزي اڳواڻ ڪوثر النساءِ جي ميزباني ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو، سيمينار کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته روزانو جي حساب سان روز مرهه جي شين جون قيمتون وڌن پيون ۽ مهانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو آهي، مزدور ۽ ڏهاڙي دار طبقو سڀ کان وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن پيو ڏئي، هنن چيو ته هڪ ته گهٽ اجرت مٿان وري روزگار نه هئڻ برابر هجڻ جي ڪري گهر جو گاڏو هلائڻ مشڪل بڻجي ويو آھي، فيڪٽريون بند هجڻ سبب روزگار جا موقعا ختم ٿي رهيا آھن، عام مزدور سان گڏوگڏ گهريلو هٿ جي هنر مند عورتن جو ڪم به بيهجي ويو آھي، اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ حڪومت عوام جي مشڪلاتن کي گهٽائڻ بجاءِ آءِ ايف  ايم جي فرمائشن تي نوان ٽيڪس مڙهي رهي آهي، هنن عورتن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.