ڪراچي (م ڊ) مهانگائي کان تنگ عوام تي وڌيڪ هڪ ٻيو وار ٿي ويو آهي،جنهن تحت کنڊ ۽ اٽو مهانگو ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾  لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي. ڪراچي جي هول سيل  ۾ کنڊ 145 رپيا في وڪلو وڪرو  ٿي رهيو آهي. جڏهن ته  ڪراچي ۾ ڪڻڪ جو في ڪلو 4 کان 5 رپيا گهٽجي 129 رپين تي اچي ويو آهي، ان باوجود اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ڪوئيٽا ۾ کنڊ في ڪلو 10 رپيا واڌ کان پوءِ 150 رپيا ٿي وئي آهي، پشاور ۾ هڪ ڪلو کنڊ 135 رپين ۾ دستياب آهي، لاهور ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي  جي قيمت 50 رپيا  واڌ بعد 2 هزار 850 رپيا ٿي وئي آهي.