ڪراچي (م ڊ) عيدالفطر جي موقعي تي هن سال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 25 کان 30 سيڪڙو گهٽ خريداري ٿي، عيد وارن ڏينهن ۾ بازارن ۾ ماڻهن جي رش ته رهي پر خريداري گهٽ ڪئي، عيد جي موقعي تي سامان جي قيمتن ۾ 40 کان 50 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن ڪري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ خريداري ٿي، واپارين موجب گودامن ۾ گڏ ڪيل سامان اتي ئي رهجي ويو، مشڪل سان 15 ارب جو سامان وڪرو ٿي سگهيو.آل ڪراچي تاجر اتحاد جي چيئرمين عتيق مير ججو چوڻ آهي ته مهانگائي جي ڪري ماڻهن خريداري گهٽ ڪئي، دڪاندار راهون تڪيندا رهجي ويا، مهانگائي ماڻهن کان عيد جون خوشيون به کسي ورتيون، عورتن ۽ ٻارن جا ريڊي ميڊ گارمنٽس، جوتا، پرس، آرٽيفيشل جيولرزي جا سستا سامان وڪرو ٿيا، اڪثر خريدار رڳو هڪ وڳو خريد ڪرڻ وارا هئا، واپارين عيد سيل جي حوالي سان سال 2025ع کي 2024ع کان بدتر قرار ڏنو، شهر جون 200 بازارون عيد جي روايتي خريداري کان محروم رهيون، واپاري اڳواڻ چيو ته رمضان ۾ پوليس ۽ ڦورو هڪ صف ۾ نظر آيا، جيڪي ماڻهو ڦورن کان بچي ويا اهي پوليس جي هٿ چڙهي ويا، پارڪنگ مافيا به ماڻهن کي تنگ ڪندي رهي، فقيرن تي به ڪنٽرول نه ڪيو ويو.