وزير اعظم ميان شہباز شريف چيو آهي ته مهانگائيءَ جي شرح سنگل ڊجيٽ تي اچي وئي آهي ۽ بئنڪن جو مارڪ اپ ريٽ بهتر ٿيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي جو گراف وڌيڪ گهٽ ٿيندو. وزير اعظم اهو پڻ چيو ته حڪومت جي بھتريءَ لاءِ قدمن ورتا ويا ۽ سفارش ڪلچر ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ به ڏينهن رات محنت ڪئي وئي آهي، پر اڃا وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. آهستي آهستي عوام کي بهتر معيشت جا ثمرات ملڻ شروع ٿي رهيا آهن.
هونئن ته هر حڪومت سموري کوٽ ۽ خسارو عوام تي مالي بار وڌائي پورو ڪندي رهي آهي، پر موجوده معاشي مئنيجرن ته نا اهليءَ جا نوان رڪارڊ جوڙيا آهن ۽ عوام کي ان هنڌ تي آڻي بيهاريو اٿن، جتي زندگيءَ جي اذيت موت کان به سرس ۽ سوائي ٿي ويئي آهي. مسلسل مهانگائي وڌائي ماڻهن جي جيئڻ جا گس سوڙها ڪيا ويا آهن، پر حڪمران چون ٿا ته مهانگائي گهٽجي وئي آهي. اهل ثروت ماڻهن جي ڀر مان نامهربان موسمن جي تلخي به نٿي گذري، مهانگائي جي انهن کي ڪهڙي خبر. اهي ته صرو پنهنجي راوين جي رپورٽن تي هلن ٿا. اصل ۾ ماڻهن جي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ احسن ڪارڪردگيءَ جون دعوائون ٿينديون رهن ٿيون. روز سياست جي پراڊڪشن هائوس مان نوان نوان ناٽڪ رليز ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام انهن ‘نان اشوز’ ۾ ئي الجهيل رهي. حقيقت اها آهي ته مهانگائي آهي، جيڪا مسلسل راڪيٽ رفتاريءَ سان وڌي رهي آهي. حڪومت وٽ مهانگائيءَ کي روڪڻ لاءِ ڪو به مڪينزم ڪونهي. ڳالهه صرف ايتري ئي نه آهي، حڪومت پاڻ به منافعي جي واهڙ مان هٿ ڌوئندي رهي آهي. حڪمرانن جو طريقهء واردات اهو رهندو اچي ته هڪ هٿ سان ڏيئي ٻئي هٿ سان کسي وٺندا آهن. هڪ طرف تيل جي قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو ويندو آهي ته ٻئي طرف ٽيڪس مڙهي، شين جا اگهه وڌائي ڪسر پوري ڪئي ويئي آهي. بجيٽ ۾ مهانگائيءَ جو جيڪو هماليا عوام تي ڪيرايو ويندو، اهو ته لڪل ناهي رهيو، سڀ ڪجهه اکين پيو ڏسجي!
هي ملڪ تمام گهڻا معدني وسيلا رکي ٿو. جتي جي کاڻين مان سون نڪرندو هجي، جتي سامونڊي بندرگاهه هجن، جتي ڪاري سون (ڪوئلو) جا ذخيرا هجن، جتي لاتعداد سياحتي ماڳ هجن، ان ملڪ جي معيشت ڪشڪول تي آڌاريل هجي، ان لاءِ ته ذميوار اهي حڪمران آهن، جيڪي ملڪي وسيلا عوام تي خرچ ڪرڻ بدران انهن کي تين وال ڪري رهيا آهن. پرائيوٽائيزيش، ڊائون سائيزنگ/رائيٽ سائيزنگ، لبرلائيزيشن سميت گلوبلائيزيشن جي استحصالي ايجنڊا تي عمل ڪندي پنهنجي عوام جي استحصال لاءِ در کوليندي، انتظامي گرفت ڍري ڪندي گهڻ قوميائي ڪمپنين، عالمي استحصالي ادارن ۽ سامراجي ملڪن کي ملڪي وسيلن تائين رسائي ۽ راهداري ڏيڻ کان پوءِ اسان وٽ ڪجهه به نه رهيو آهي. اهي سڀ ڪجهه کڻي ويا آهن ۽ اسان کي ڪشتو ڏيئي ڇڏيو اٿن، ان هدايت سان ته، “محنت ۾ ئي عظمت آهي”. اسان جي حڪمرانن وٽ صرف ٻه ئي سهارا آهن، هڪ ڪشڪول ۽ ٻيو عوام. ڪشڪول ته هاڻي پنهنجي پت وڃائي ويٺو آهي، ان ڪري هاڻي حڪمرانن کي هر کوٽ عوام مان ئي پوري ڪرڻي آهي. سندن جواز اهو هوندو آهي ته، ملڪ ته هلائڻو آهي! حڪمرانن کي آخر اها ڳالهه ڇو نٿي سمجهه ۾ اچي ته ملڪ تڏهن ئي خوشحال سمجهيو ويندو آهي، جڏهن عوام خوشحال هوندو آهي. عوام جو رت ست نپوڙڻ سان ملڪ خوشحال ناهن ٿيندا.
هن وقت ملڪ جي معيشت منجي داخل آهي. ناعاقبت انديش حڪمرانن سڄي سسٽم کي قرضن واري وينٽيليٽر تي لڳائي ڇڏيو آهي. “نه ڪي غم ٿو وڃي، نه ڪي دم ٿو وڃي!” نه قرض ٿو ملي، نه وهنوار ٿو هلي. لاتعداد وسيلن جي هوندي به جڏهن قرض ۽ ڪشڪول تي انحصار ڪرڻو پوي ته اها صرف حڪمرانن جي ڪوتاهي آهي، هو اهي ملڪ لاءِ ڪا بهتر مستقل يا ڊگهي مدي واري معاشي رٿابندي جوڙي نه سگهيا آهن. ملڪ کي ايڊهاڪ جي بنياد تي هلايو پيو وڃي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، مهانگائي رڳو بيانن سان ختم ڪرڻ بدران حقيقي معنيٰ ۾ مهانگائي ختم ڪئي وڃي. مٿان وري رمضان المبارڪ جو مهينو پيو اچي، ان ۾ به مهانگائيءَ کي گهٽائڻ لاءِ مڪينزم جوڙيو وڃي.