مورو (ن پ ا) مورو ۾ بجلي، تيل، گيس ۽ روزاني ضرورت وارين شين اٽو، کنڊ، گھيه، چانور، دالين جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف  رڪشا واپاري يونين پاران رڪشن تي لائوڊ اسپيڪر ٻڌي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي معشوق سولنگي، جھنڊو خان ڀٽي، سيد جمن شاھ، اعجاز سابقي، دلبر سولنگي، نديم ساٽي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب غريب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي،  هر روز پيٽرول جو اگهه وڌايو پيو وڃي،  حڪمرانن کي عوام جي ڪابه پرواهه ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي ختم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.