مهانگائيءَ سبب رُسي ويل عيد جون خوشيون

0
106

محمد خالد ميمڻ

 عيد دراصل هڪ اهڙو ڏهاڙو هوندو آهي، جنهن ڏينهن تي سڀ پري پري کان سڀ ڪم ڪار ڇڏي ڪري پنهنجن سان گڏ عيد ڪرڻ پنهنجي گهرن ڏانهن ايندا آهن ۽ سڀڪو وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو آهي ته ڀلي سڄو سارو سال گهر نه وياسين پر عيد تي گهر ضرور وڃبو ۽ ان ڏهاڙي کي ملهائڻ لاءِ سڀ پهريان کان ئي تياريون شروع ڪندا آهن. خاص طور ننڍا ٻار عورتون ۽ نوجوان طبقو ڀلا ڀلا قيمتي ڪپڙن جا وڳا بوٽ سينڊل وغيره جي خريداري ڪندا آهن ۽ عيد ڏهاڙي جي حساب سان مٺايون ۽ ٻيا لذيذ کاڌا گهرن ۾ تيار ڪيا ويندا آهن.

                 ۽ ان خريداري ۽ ٻين بندوبستن لاءِ کيسي ۾ پئسن جو هجڻ ضروري آهي ۽ هر شئ لاءِ پيسا گهربل هوندا آهن. ان عيد ڏهاڙي جون خوشيون هر انسان جي زندگي ۾ آيل ڏکن دردن کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن پر بدقسمتي سان گذريل ڪجھ سالن کان اسان جي ملڪ اندر جيڪا ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ٿي آهي، ان سبب هر ماڻھو پوءِ چاهي اهو نوڪري وارو هجي، ڪاروباري هجي يان مزدور هجي، اهي عيد ويجهو ايندي ئي خوشي بجاءِ ويتر پريشان ٿي وڃن ٿا ته ڪيئن پنهنجي معصوم ٻارن، عورتن ۽ نوجوانن لاءِ عيد خريداري ڪريون. گهر جا جيڪي وڏا آهن، اهي ته هميشه بس ان ڳالھ ۾ خوش هوندا آهن ته گهر جا ٻيا ڀاتي عيد تي هر خريداري ڪن ۽ ڀرپور نموني عيد ملهائين. اها ئي انهن جي عيد خوشي هوندي آهي پر هن وقت جيڪا مهانگائي هلي رهي آهي، ان سڀني جون خوشيون کسي ڇڏيون آهن.

گهر جو وڏو ته ان ڳالھ کان واقف هوندو آھي ته مهانگائي سبب قوت خريداري ناهي رهي پر هر گهر جا معصوم ننڍڙا ٻار ته اها ڳالھ نه ٿا سمجهي سگهن. اهي ته گهر جي وڏي سان ضد ڪن ٿا ته اسان کي ڀلا قيمتي ڪپڙا ۽ بوٽ وغيره ضرور کپن ۽ ائين هر گهر جو وڏو هن عيد ڏهاڙي جنهن کي خوشين جو ڏهاڙو سمجهيو ويندو هو، اهو پريشان ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن گهر جو وڏو پاڻ گهرڀاتين کي خوشيون ڏيڻ جي قابل نه ٿو سمجهي ته روزانه اخبارن ۾ خودڪشين جي واقعن جو ڪردار بڻجي ٿو وڃي.

اسان جا حڪمران سياستدان هڪٻئي سان اقتدار جي ڪرسي واري رسه ڪشي ۾ ايترا ته مگن ٿي ويا آهن، جو کين عوام جي تڪليفن ۽ دردن جو ڪوبه احساس ناهي رهيو ته ملڪ جو عوام رڳو پنهنجي پيٽ گذر واري مسئلي ۾ ايترو ته اچي ڦاٿو آهي جو ان مان نڪرڻ لاءِ انهن کي ڪوبه رستو نظر نه ٿو اچي ته اهو پريشان حال عوام عيد ڪيئن ملهائي سگهندو ۽ عوام جي ان صورتحال جو سياستدانن کي ڪوبه فڪر ناهي ۽ انهن سان گڏوگڏ ملڪ جا صنعتڪار جيڪي هڪ مافيائن وانگر ڄؤرون بڻجي عوام جو رت چوسي رهيا آهن،

اهي هر ضرورت واري شيءِ کي لڪائي پوءِ ان جو پنهنجي مرضي سان اگھ مقرر ڪري عوام جي کيسن مان پيسا ڪڍي پنهنجا بئنڪ بيلنس وڌائي رهيا آهن. ڪڏهن اوچتو کنڊ مهانگي، ڪڏهن گيھ، ڪڏهن دوائون، ڪڏهن ڀاڻ ته ڪڏهن وري اٽو مهانگو ڪري ٿا ڇڏين. هاڻي اهڙي صورتحال ۾ مهانگائي سبب ملڪ جو عام ماڻهو عيد جي خوشين کان سراسر محروم لڳو پيو آهي. ان لاءِ ملڪ جي حڪمرانن کي گهرجي ته ڪجھ عوام جي لاءِ سوچين ۽ ملڪ اندر جيڪا مهانگائي آهي، ان تي ڪنٽرول ڪن ته جيئن عوام عيد جون خوشيون ماڻي سگهي.