منھنجي ڌرتي ڪيئن پئي وڪامي! …

0
28

 ڪجھ اخبارن ۾ ڇپيل خبرون اھڙيون ھونديون آھن جن کي پڙھي دل چوندي آھي ڪاش انھن خبرن جي ڄاڻ سڄڻن تائين پھچائجي. اخبار ۾ خبر ڇپيل ھئي تہ وفاقي حڪومت ٺٽي ضلعي ۾ خانگي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون لاءِ سنڌ حڪومت کان هڪ هزار ايڪڙ زمين جي درخواست ڪئي آهي پرائيويٽ انٽرپرائز پاڪستان ڪاراينڊ مشينري  زونزپرائيويٽ لميٽڊ (پاڪامز) کي  پرائيويٽ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ٺاهڻ لاءِ ٺٽي ضلعي ۾ زمين جي ضرورت آهي. وفاقي ميري ٽائيم افيئرز جي نمائندن، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن بورڊ آف روينيو سنڌ، پورٽ قاسم جي نمائندن ۽ انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ سنڌ جي نمائندن وفاقي وزارت صنعت جي ھڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن اجلاس کي ٻڌايو تہ سنڌ جي لينڊ يوٽيلائيزيشن جي 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي زمين آهي. ٺٽي ضلعي ۾ انڊس هاءِ وي ۽ برانچ روڊ کي ڪارپيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي زمين کي ڪارآمد بڻائڻ لاءِ چيف ايگزيڪيوٽو وضاحت طلب ڪندي چيو تہ اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو. سنڌ حڪومت انهن 6 ڪلوميٽرن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندي يا پاڪامز ڪرائيندي. لينڊ يوٽيلائيزيشن جي نمائندي يقين ڏياريو تہ سنڌ حڪومت پاڪامز جي ماڻهن جي سهولت لاءِ انهن 6 ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندي. ان سلسلي ۾ منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ، منصوبي جي مالياتي بندش يا پاڪامز کان خرچن جا تفصیل، ماسٽر پلان، ڊيزائن ۽ لي آئوٽ، جيو ٽيڪنيڪل رپورٽ ۽ ٽوپوگرافڪ سروي ۽ ماحولياتي اثرن جي تجزياتي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي۔ گهربل دستاويز حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪيس ڪميٽي حوالي ڪيو ويندو. پاڪستان اڪنامڪ سروي 2023 جي مطابق پاڪستان ۾ زراعت جو شعبو 22 سيڪڙو کان وڌيڪGDP ۾  ۽ روزگار جي موقعن جو 37 سيڪڙو حصو ڏئي ٿو.پاڪستان هڪ زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود زرعي شين جهڙوڪ ڪڻڪ، دال ۽ تيل جي ٻج جي کوٽ جو شڪار آهي.

جيئن تہ وزير اعظم شهباز شريف 7 جولاءِ 2023تي ”لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلنس“ جو افتتاح ڪيوھو ۽ ٻڌايوھو تہ ان جو مقصد زرعي شعبي کي فروغ ڏيڻ ۽ ان کي جديد خطوط تي ترقي ڏيڻ آهي.پوء نگران صوبائي روينيو واري وزير يونس ڍاگا وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ گرين ڪارپوريٽ انيشي ايٽو وچ ۾ 6 ضلعن ۾ 52 هزار ايڪڙ بنجر زمين کي پوکڻ لاءِ جنوري ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون ھيون. جنهن تحت 6 ضلعن ۾ 52 هزار ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوھو. ابتدائي طور تي 52713 ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشي ايٽو کي 20 سالن لاءِ ڏني.ان وقت جي وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب معاهدي تحت سنڌ ۾ مقامي انتظاميا 52 هزار 713 ايڪڙ بنجر زمين جي نشاندهي ڪئي آهي، جنهن ۾ خيرپور ۾ 28 هزار ايڪڙ، ٿرپارڪر ۾ 10 هزار ايڪڙ، دادو ۾ 9 هزار 305 ايڪڙ زمين شامل آهي جڏھن ته ٺٽي ۾ 1000 ايڪڙ، سجاول ۾ 3408 ايڪڙ ۽ بدين ۾ 1000 ايڪڙ زمين شامل آهي.معاهدي ۾ چيو ويوھو تہ بنجر زمين سروي، حد بندي ۽ تصديق کانپوءِ 20 سالن جي عرصي لاءِ ڄاڻايل فرم جي حوالي ڪئي ويندي ته زمين ڪنهن به ممنوع علائقن ۾ واقع ناهي، ڪنهن به التوا واري مقدمي يا عدالتي حڪمن کي منهن نه ڏيڻو پوندو. ڪنهن بہ بئراج جي زمين جي گرانٽ ۾ شامل نه آهي.معاهدي تي صحيحن کانپوءِ نگران روينيو واري وزير يونس ڍاڳا، قانون واري نگران وزير عمر سومرو، اطلاعات واري نگران وزير احمد شاھ ۽ ميجر جنرل شاهد نذير ميڊيا کي ٻڌايوھو تہ اهو منصوبو اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) تحت کنيل قدمن مان هڪ آهي.يونس ڍاگا ميڊيا کي ٻڌايو تہ هي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) جي ڇنڊ ڇاڻ هيٺ هڪ قدم آهي جيڪو بورڊ آف انويسٽمينٽ آرڊيننس 2001 جي باب IIA تحت قائم ڪيو ويو ۽ 2023 ترميمي ايڪٽ ذريعي پارليامينٽ ۾ متعارف ڪرايو ويو، جنهن تحت چيف صوبن جا وزير ۽ چيف سيڪريٽري بالترتيب ايس آءِ ايف سي ايپڪس ڪميٽي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جا ميمبر شامل ڪيا ويا آهن. پ پ قيادت کي چونداسين تہ اھا پنھنجي پوزيشن واضح ڪري تہ ڇا  52 ھزار ايڪڙ زمين  بابت  سندن سنڌ سرڪار واقعي ڪو فيصلو ڪيو ھو؟ ڇاڪاڻ تہ جيڪڏھن ائين آھي تہ اھا سنڌ جي ماڻھن سان  ويساھ گھاتي ليکبي، اميد تہ مراد علي شاھ صاحب  لب ڪشائي ڪندو؟ جيڪڏھن  ھو خاموش رھيو تہ پوءِ  سنڌ جو عوام اھو سمجھڻ ۾ حق ھوندو تہ سندس مينڊيٽ جو غلط استعمال ٿيو.