منھنجي ميري سيري لوئي او…….!!

0
105
منھنجي ميري سيري لوئي او.......!!

حب الوطنيءَ جو ڪلاسيڪل تصور ڪڏھن تبديل ٿيو؟ ان سوال جو جواب تلاش ڪرڻ لاءِ، ھن مھل تائين دنيا جي ڪنھن مشھور مصنف جون آڱريون ليپ ٽاپ تي متحرڪ نه ٿيون آھن. قلم کان ڪي بورڊ تائين تحرير تبديليءَ جي جن مرحلن مان گذري آھي، ان جا ته کڻي سائنسي سبب ٿي سگھن ٿا پر حب الوطنيءَ جو جذبو ڪڏھن ۽ ڪيئن گھٽيو؟ اھو سوال سچ پچ به تحقيق طلب آھي.

                 انساني تاريخ جو اھو وقت ھن وقت به اسان جي اکين آڏو آھي، جڏھن وطن مٿان جان قربان ڪرڻ جو جوش صرف لطيف فنن تائين محدود نه ھوندو ھو پر خطرناڪ حد تائين خوبصورت نوجوان پنھنجيون پھريون محبتون روئنديون رڙنديون ڇڏي، جنگ جي ميدانن طرف وڌندا ھئا. انھن جي نظر ۾ وطن محبوب کان وڌيڪ پرڪشش ۽ پيارو ھو. ان وطن جي حفاظت لاءِ جان قربان ڪرڻ جو جذبو جھنڊي وانگر جھولندو نظر ايندو ھو. ظاھر آھي ته جنھن موضوع تي لکين شعر ۽ ھزارين ڪتاب لکيا ويا ھجن، جنھن سبجيٽ تي روسي مصنف شولوخوف جو ناول “وڙھيا جي وطن لاءِ” (They Fought for their Country) عاليشان انداز سان فلمايو ويو ھو، ان چنڊ جھڙي حسين ۽ پراسرار لقاءَ کي گرھڻ ڪيئن لڳي؟ ڇا حب الوطنيءَ جي جذبي ۾ ڪميءَ جو سبب سائنس آھي؟ يا ان عظيم خيال کي خراب ڪرڻ جو ڏوھ ان سياست جي کاتي ۾ لکجي، جنھن سڀ کان اڳ نظرئي کي “نه” چيو ۽ پوءِ اھا ڪرپشن جي پويان ائين ڪاھي پئي، جو ھن کان اھو به وسري ويو ته دنيا ۾ دولت ئي سڀ ڪجھ ڪونھي.

علمِ عمرانيات (ممڪن آھي ته ھن لفظ مان مراد پي ٽي آءِ جي اسير اڳواڻ جي نه ورتي وڃي، سو احتياط جو دامن سنڀاليندي اھو لکيو پيو وڃي ته) سماجي سائنس مٿان عبور رکندڙ عالمن جو خيال آھي ته ويھين صديءَ ۾ يورپ عجيب قسم جي جنگي جنون جو شڪار ٿي ويو ھو. ڇا ايڪھين صدي سياسي طور ڪرپشن جي ڪامپٽيشن جي صدي ثابت نه ٿي آھي؟ جيتوڻيڪ ان جا بنياد گذريل صديءَ جي پوئين اڌ ۾ رکيا ويا ھئا. جيڪڏھن اسان ان معاملي کي عالمي سطح تي ڏسڻ بدران پنھنجي ملڪ جي حالتن حوالي سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته بقول نجم سيٺيءَ جي گھر واري جگنو محسن، ھن جي لاءِ اھا ڳالھ تمام وڏي صدمي کان گھٽ نه ھئي، جڏھن بينظير ڀٽو ھن کي چيو ھو ته نواز شريف سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ھن جيتري دولت ٺاھڻ ۽ ان پئسي سان سياست ھلائڻ جو فيصلو منھنجي مجبوري آھي.

اردو ٻوليءَ جي ھڪ گھٽ مشھور شاعر لکيو آھي:

“يه جدائيون ڪي رستي، بڙي دور تڪ گئي ھين

جو گيا وه ڦِر نه آيا، ميري بات مان جائو”

بھرحال بينظير ڀٽو پنھنجي دوست جگنو محسن جي ڳالھ نه مڃي. ھن کي پنھنجي گھر واري آصف زرداريءَ جو خيال خاصو درست محسوس ٿيو. اھڙي طرح پاڪستان جي سياست ۾ پھرين نظريا تبديل ٿيا ۽ پوءِ انھن جو اظھار اسان کي انھن نعرن جي صورت ۾ نظر آيو، جيڪي عوامي امنگن بدران مخصوص ڌرين جي ذاتي ۽ گروھي مفادن جي گرد گردش ڪندا ھئا.

ھن دور ۾ نظرياتي سياست ڀارت جو اھو مودي ڪري رھيو آھي، جيڪو پنھنجي ملڪ جي حوالي سان “انڊيا” لفظ آفيشل طور تي ختم ڪري رھيو آھي. جيڪو چنڊ مٿان پھتل مشن جو نالو به ھندو تاريخ مان چونڊڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. ھن وقت جڏھن افغانستان ۾ طالبان پنھنجي حڪومت جا ٻه سال مڪمل ڪري چڪا آھن ۽ انھن جو سخت نظرياتي موقف به تمام نرم ٿي چڪو آھي ۽ ٻي طرف ايران به عورتن جي مٿان پردي جي پابنديءَ کي اڻ اعلانيا طور تي لچڪدار بڻائي رھيو آھي. جڏھن ته چين سوويت يونين جي زوال کي ڏسي سوشلزم جي ووڊڪا سرمائيداريءَ جي سوڊا سان ملائي ملڪ کي تمام وڏي معاشي طاقت بڻائي چڪو آھي ته ان ماحول ۾ پاڪستان مالي خساري سبب ايترو ته پريشان ٿي ويو آھي جو ھن جي لاءِ پنھنجي آئين مٿان جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آھي. پر ان جو مطلب اھو نه ورتو وڃي ته چونڊون 90 ڏينھن ۾ نه ٿيڻ کپن. پر ان جو فيصلو وري به ان اليڪشن ڪميشن کي ئي ڪرڻو آھي، جيڪا ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو طاقت جو توازن تبديل ڪري رھي آھي. اھا اليڪشن ڪميشن پنھنجي ملڪي عوام ۽ اقوام عالم کي اطلاع ڏيندي ته انھن جا نوي ڏينھن ڪيترن مھينن يا سالن جا ھوندا. مرزا غالب غضب جو شاعر ھو. ھن لکيو ھو:

“تم سلامت رھو ھزار برس

ھر برس ڪي ھون دن پچاس ھزار”

جيڪڏھن غالب ڪنھن کي 365 ڏينھن جي سال بدران 50 ھزار ڏينھن جي سالن جي حياتي ماڻڻ جي دعا ڏئي سگھي ٿو ته اليڪشن ڪميشن ملڪ جي مخصوص معاشي صورتحال سبب 90 ڏينھن جو مدو ڇو نه ٿي وڌائي سگھي؟

پاڪستان لاءِ ڪافي وقت کان وٺي معاشي مسئلو ھر شيءَ کان اھم رھيو آھي، جڏھن ته ھن وقت ان ۾ ايتري شدت اچي وئي آھي جو ملڪ جو سپھ سالار به معاشي ميدان ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پھچي ويو آھي. ھن کي ڪراچيءَ ۽ لاھور وارين ملاقاتن ۾ ملڪ جي تاجرن اھو مشورو ڏنو ته کيس فل فوڪس بدامني ۽ ڪرپشن تي ڪرڻ گھرجي. آرمي چيف ملڪ جي واپاري برداريءَ سان واعدو ته ڪيو آھي پر اھو واعدو ڪيترو وفا ٿي سگھي ٿو؟ ان سلسلي ۾ ڪجھ چوڻ ان ڪري به مشڪل آھي ته پاڪستان ۾ ھن وقت به اڪثر ماڻھو نگران سيٽ اپ ۾ آرمي چيف جي ايڪٽوِ ھجڻ ۽ ڇاپن توڙي ايئرپورٽن ڏانھن اماڻيل اسٽاپ لسٽن وارن افواھن تائين سموري معاملي ۾ ديجاوو (Deja vu) جھڙو احساس محسوس ڪن ٿا.

سو! اھو دور پنھنجي منطقي پڄاڻيءَ تي پھتو، جنھن دور ۾ ماڻھو ۽ خاص طور تي امير طبقن جا تعليم يافتا ماڻھو وطن مٿان جان قربان ڪرڻ ۾ پنھنجي ۽ پنھنجي خاندان جي آبرو محسوس ڪندا ھئا. ھاڻي پاڪستان ۾ ته وطن مٿان جان قربان ڪرڻ ته ڇا پر قانوني طور تي ٽيڪس ڏيڻ لاءِ به ڪو تيار ناھي، جڏھن ته ملڪ جي ھر حڪومت ان نقطي مٿان اصرار ڪندي رھي آھي ته جيڪڏھن ملڪ ۾ ٽيڪس جو نظام درست ھجي ته اسان کي مالي ادارن کان قرض کڻڻ جي لاءِ خوار ٿيڻو ئي نه پوي.

زيڊ اي ڀٽو حب الوطنيءَ جي حوالي سان پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ تمام تلخ انداز سان اھا سچائي بيان ڪئي ھئي ته، “وطن سان محبت جو ميوو مفادن جي شاخ تي پيدا ٿيندو آھي”. شايد اھوئي سبب آھي ته ھن مھل تائين وطن سان محبت جو دم اھي ڀريندا رھيا آھن، جن کي امير ڪندي ھي ملڪ تمام گھڻو غريب ٿي ويو آھي. ھاڻي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ به اھا حقيقت تسليم ڪري ورتي آھي ته صرف ملي نغمن سان وطن جي محبت پيدا ڪري نه ٿي سگھجي. ان لاءِ عملي طور تي اھو ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي، جنھن ماحول ۾ عوام کي رليف ميسر ٿي سگھي. وطن سان محبت جو افسانوي ڀرم ان وقت ڀري پوي ٿو، جنھن وقت ماڻھو يورپي ملڪن جي سفارتن خانن ۽ ويزا آفيسن آڏو عوام جا انبوھ ڏسي ٿو. آمريڪا پاران افغانستان مان نڪرڻ وقت جھازن ۾ لڙڪي مرڻ وارا انسان ڪيترا محب وطن ھئا؟ اسان کي اھڙن سخت سوالن کان پرھيز ڪرڻ گھرجي. ڇو ته آمريڪا يا انگلينڊ جي ڪنھن خوبصورت شھر جي مھانگي فليٽ جي بالڪونيءَ ۾ بيھي آسمان طرف تڪيندي جگجيت جو غزل:

“ھم تو ھين پرديس مين

ديس مين نڪلا ھوگا چاند”

ٻڌڻ ۾ جيڪو لطف ۽ سرور آھي، اھو ملڪ جي لوڊشيڊنگ وارين ڪوسين راتين ۾ محسوس ڪرڻ تمام گھڻو مشڪل آھي.

وطن سان محبت صرف ان صورت ۾ فطرت جو اٽوٽ انگ بڻجي ٿي، جڏھن رياست ماءُ جي آغوش وانگر گرمي، سردي ۽ بک ڏک کان بچائڻ ۾ پنھنجو اصولي ڪردار ادا ڪري. ھن مھل تائين اسان جي ملڪ صرف ۽ صرف ان طبقي کي ترقي ۽ تحفظ ڏنو آھي، جنھن طبقي کي معلوم ناھي ته مھانگائي ڪھڙي پکيءَ جو نالو آھي. دبئيءَ جي شاپنگ سينٽرس ۾ ڊالر کڻي ويندڙ ماڻھو ڪنھن به صورت ۾ محسوس نه ٿا ڪري سگھن ته مھانگائي مسلسل وڌي رھي آھي. روپين جي قدر ۾ لاڳيتي ڪميءَ جو احساس صرف ۽ صرف ھن ملڪ جي مسڪين ۽ محتاج ماڻھن جي مقدر ۾ لکيو ويو آھي.

ھي ملڪ منڍ کان وٺي قدرتي ذخيرن ۽ متوازن موسمن سبب ترقيءَ لاءِ تمام موزون ھو. پاڪستان جي جاگرافيائي پوزيشن به ڀارت کان وڌيڪ بھتر ھئي. پر ڪرپٽ ۽ نااھل سياست ھن رياست لاءِ روڳ بڻجي وئي. آمرن جي سياسي اولاد پنھنجي خاندانن کي خوشحال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ملڪ کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو. انھن پاڻ ته ملڪ کي لٽيو پر عوام کي وطن سان محبت ڪرڻ جو درس ڏنو. ڪرپٽ مافيا جي ان منافقيءَ سبب عوام ۾ اھا سورن ڀري سجاڳي آئي ته ملڪ سان محبت جو مطلب ڪھڙو آھي؟ پاڪستان ھن وقت مقروض ۽ مجبور ملڪ آھي ۽ ملڪ جي اھڙي حالت جي تھمت عوام مٿان مڙھي نه ٿي سگھجي، ڇو ته ھن ملڪ کي حال تائين پھچائڻ ۾ اصل ڪردار ان ڪرپٽ مافيا جو آھي، جيڪا اقتدار ۾ نه ھوندي به عياشي ڪري ٿي. اھا اشرافيا، جنھن ملڪ مٿان ايترو ته قبضو ڪيو آھي جو عوام وٽ ملڪ جي مالڪيءَ ٿان ھٿ کڻڻ کان سواءِ ٻي ڪا راھ نه رھي آھي. پاڪستان پنھنجي اشرافيا ۽ قرضن ۾ مسلسل اضافو ڪندڙ ملڪ آھي. ھن ملڪ ھاڻي ته پنھنجي پيدائشي دشمن سان مقابلي جي ھام ھڻڻ به ڇڏي ڏني آھي. ھن ملڪ جو ڪرپٽ سياست سبب امير ٿيل ڪلاس ھن ملڪ ۾ رھي به ٿو ته ائين جيئن ڪو وڏيرو، ڪو ڀوتار ۽ سردار پنھنجي راڄ ڀاڳ کي سنڀالڻ لاءِ ڳوٺن جي ماحول ۾ بنواس ڀوڳيندو آھي.

ھي ملڪ پنھنجي مسڪين عوام جي تن مٿان پيل ميري سيري لوئي آھي. ھڪ اھڙي لوئي جنھن کي عوام پنھنجي عزت سمجھي ٿو ۽ اھا لوئي به پنھنجي عوام سبب آبرو محسوس ڪري ٿي. باقي مقروض ملڪ جي مغرور اشرافيا ته ان احساس کان به محروم آھي، جنھن احساس سبب ماڻھو آزاديءَ جي ڏينھن تي پنھنجي ٻار لاءِ پرچم خريد ڪن ٿا.