سنسڪرت زبان ۾ پاڻي کي چئبو آھي جيوت يعني زندگي ۽ زندگي جو ضد آھي موت. خدا زمين ٺاھي پھريائين ان تي پاڻي پيدا ڪيو، پوءِ دريا جي پاڻي ۽ مٽي جي ڳوھيل پنوڙي مان آدم جو بوتو جوڙي ٺاھي انسان بڻايائين. پوءِ امر ٿيو ته اڳتي ماءُ جي پيٽ اندر عورت ۽ مرد جي خاص پاڻي جي ٽيپن جي ميلاپ سان انسان جي پيدائش ٿيندي. جيئن ڄمڻ وقت انسان کي ماءُ جو کير نه ملي ته ھن جو جيئڻ محال ٿي پوندو آھي. تيئن سڪرات دوران (مرڻ مھل) جڏھن انسان جو وات سڪي ويندو آھي تہ دل ڌڙڪڻ بند ٿيڻ ڪري سندس موت واقع ٿيندو آھي. سنڌو ندي به ڄڻ امڙ آھي جيڪا اسان سنڌي ماڻھن توڻي ٻين پنھنجن پراون کي کارائي پيئاري تندرست ۽ زنده رکي ٿي. جيڪر ايئن نہ ٿئي جو ان جي پيٽ ۾ پاڻي وھڻ بدران واري پئي اڏامي ته اسان سڀ بکيا اُڃان ئي موت جو ذائقو چکيندا سون.
سنڌو ندي جي شروعات چين جي زير انتظام دلائي لاما جي ملڪ تبت مان ٿئي ٿي. ڪيلاش جون جابلو چوٽيون قدرت جو ڪرشمو آھن ۽ اتان نڪرندڙ چشما سنڌو دريا جو سرچشمو آھن. پوءِ پاڻي اچي مانسرور ڍنڍ ۾ گڏجي ٿو. ھي نديءَ (انڊس ريور) ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ وھي ٿي. لداخ ۾ ان جو وھڪرو ڪشادو ۽ برق رفتار ٿي وڃي ٿو. گلگت بلتستان مان گذرندي ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي وچ تي سنڌو جو پيٽ ڄڻ سوين ٻيٽ ٿا ڏسجن. ايراني يوناني پورچوگيز ان جو شينھن جھڙو گجگوڙ ڏسي ڀليا ھئا ته ھي سنڌو ندي نه پر سمنڊ آھي. دريا سنڌي سمنڊ ڪراچي ۾ ڇوڙ ڪري ٿو سو عالمي قانون موجب ان ندي جي حقيقي مالڪ سنڌي قوم آھي. ان ڪري سواءِ پاڪستاني پنجاب جي ڪو ٻيو علائقو سنڌو تي مالڪي جي دعوا نه ٿو ڪري.
وفاق سان الائي ڪھڙو ويل آھي جو اھو بنا عوامي اتفاق راءِ جي روز نوان پراجيڪٽ ٺاھڻ جو تجربو پيو ڪري. ان عمل سان باقي ٽنھي صوبن ۾ ڏڦيڙ ۽ عوامي دلين اندر ولوڙ پيدا ٿئي ٿو جيئن ھينئر پنجاب سنڌو دريا منجھان ڇھ ڪينال ڪڍي ان کي سڪائڻ ۽ پنھنجي ريگستان کي سرسبز بڻائڻ چاھي ٿو. جنھن ۾ سندس مدد پيپلز پارٽيءَ جي ساٿاري ڌر ڪري رھي آھي. (توڙي جو هاڻي اتفاق راءِ نه ٿيڻ تائين ڪو به ڪينال نه ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي) ھتي حڪمران عوام کي احمق سمجھي ابتا سبتا ڪم ڪري رھيا آھن. سنڌو مان ڇھ ڪينال، سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇوويھين ترميم (عدالتن تي پابندي) ۽ پيڪا (پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪيبل ايڪٽ) يعني ميڊيا تي حڪومتي ضابطي وارو سي سي آئي جو اجلاس منصوبي کان اول گھرائجي ھا پر ٻه مئي جي تاريخ ڏني وئي ءَ بعد ۾ اجلاس 28 اپريل تي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو. لٿي لاباري ڪانئر ٻڌو ڪانڀو. زين شاھ ڪئنالن جو ڪم اتي وڃي ڏسي ۽ ڀري وائرل ڪيو پر ان تي مراد علي شاھ ٽوڪيندي چيو ته سائين ماڊل ڏٺو ھوندو.
وڪيلن جي قيادت ۾ سنڌو ندي جو عاشق سنڌي عوام رڪارڊ ٽوڙ ڀرپور احتجاج ڪري دنيا جو ڌيان ڇڪايو آھي. لڳي ٿو ته چيف ايگزيڪيوٽو آڏو پي پي جي به نه ٿي ھلي. صحافي سلطان رند تحريڪي رھنما عامر نواز وڙائچ کي وڙائچ عامر نواز سنڌي جو لقب ڏنو آھي. سندس خاص ساٿي ڪي بي لغاري، سرفراز ميتلو، اطھر عباس سولنگي ۽ ٻين وڪيلن جو ڪردار اثرائتو ۽ زبردست آهي. راشد محمود سومرو، اياز لطيف پليجو، نياز ڪالاڻي ۽ ڊوالفقار جونئير جي ھلچل پڻ ساراھ جوڳي آھي. سنڌين جي اھڙي منظم ۽ پرامن تحريڪ توڻي مثالي اتحاد اڳ ۾ ڪنھن نه ڏٺو نه ٻڌو ھوندو. سنڌين جي ٻڌي، پنھنجن رھبرن جي پيروڪاري، مھمان نوازي، بزرگن جي عزت افزائي، ليڊرن جي قدرداني ۽ ھزارن اجرڪن ۽ ٽوپين جي ورھاست واري سخاوت پاڻ ڏٺي اٿو. مان ڇا لکان. مظاھرن ۾ دليري سان نعرا پئي لڳا ته مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾، سنڌو تي سمورا ڪينال نامنظور، دريا تي ڌاڙو قبول ناھي. سنڌ ۾ ھنڌين ماڳھين جاري احتجاجن تي پوليس ڪارروائي ڪري ٻٻرلوءِ ۽ ڪمون شھيد وارن کي جيئن ڊيڄاريو ويو، تيئن جلسن جلوسن ۾ ماڻھن جو تعداد وڌندو رهيو. ٻٻرلوءِ معنيٰ جتن جو وطن پر ھاڻي اچي ڏسو تہ اھو ڪنھن جو ديس آھي؟ اڳواڻن چيو هو ته سي سي آئي جا منٽس ڏسجن پوءِ تحريڪ ختم يا جاري رکڻ جو فيصلو ڪبو. نوٽيفيڪيشن صدر زرداري جي صحي سان جاري ٿيو ھو، ھاڻي ان جي ئي صحي سان درستگي وارو ليٽر (ڪوريجينڊم) ڏسڻ چاھيون ٿا. پر ائين نه ٿيو.
سنڌ حڪومت ۽ پاڪستاني وفاق کي حيف ھجي جو سنڌو ندي ۽ سنڌي تمدن تي ڪا فلم نه ٺھرائي اٿائون. وري به جس ھجي باليووڊ وارن کي جو انھن موھن جو دڙو نالي سان ھڪ يادگار تاريخي فلم ٺاھي آھي. جنھن ۾ آمري ۽ ڪوٽڏيجي جو ذڪر به آھي. موھن جو دڙو مووي جو سيٽ، پوڄاري جو محل، مندر، بازاريون جنھن ۾ ڍڳن، گھوڙن، گلي ۽ ٻين وکرن جو واپار ٿيندي اھي سڀ منظر وڏي محنت سان ڏيکاريا ويا آھن. سنڌو دريا جو پاڻي مصر جي نيل ندي کان به ٻيڻ تي ھوندو ھو. موھن جو دڙو جي حاڪم ماھم دريا جي تري مان سون ڪڍڻ جي لالچ ۾ ندي تي بند ٻڌي ان جو رخ موڙيو تہ سيلاب اچڻ ڪري شھر تباھ ٿيو. دريا جا لاھا چاڙھا ٻئي آبادي لاءِ نقصانڪار آهن. اتي موھن نالي ڪا مشھور شخصيت نه ھئي ۽ دريافت دوران ٻه لاش مليا آھن. بادشاھ ۽ ھڪ درويش جو. باقي سڀ انسان دريا مٿان ٻيڙين جي پل ٺاھي مال ۽ سامان کڻي دريا جي ٻي ڪناري تي سلامتي سان وڃي پھتا ۽ پراڻي ھند جي گنگا ندي جي ڪنڌي تي نئين سنڌ جو بنياد وڌائون…… سو مان سمجھان ٿو ته اھو موھن يا موئن جو دڙو نه پر منھنجو دڙو آھي. ھن فلم جو ھيرو ھريتڪ روشن (سرمن) /ڏسو صفحو 7 بقايا 01
ھيروئن پوجا ھيگڙي (چاني) آھي. ولين ماھم رماني آھي جيڪو حقيقي حاڪم سرمن جي پيءُ سروجن کي ناحق مارائي پاڻ بادشاھ ٿي ويھي ٿو. فلم جو ڊائريڪٽر اشوتوش گوارڪر آھي. فلم ڪنھن حد تائين ڪامياب چئي سگهجي ٿي پر جيڪڏھن ان جي ڪاسٽ ۾ مشھور ۽ سينيئر ايڪٽر سليڪٽ ڪيا وڃن ھا ۽ سنجي ليلا ڀنسالي جھڙو پرفيڪشنسٽ ڊائريڪٽر نئين سر فلمائي ته دنيا ۾ ان جي مقبوليت وڌي ويندي ۽ عالمي ليول جو عوام سنڌو ندي ۽ سنڌي تمدن سان وڌيڪ آشنا ٿيندو.
wazirsarki03322852328@gmail.com