سکر (رپورٽ : ممتاز بخاري) منگلا ۽ تربيلاخالي ٿيڻ بعد سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 51.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي، گڊو بئراج وٽ سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ رڳو 20979 ڪيوسڪ پاڻي پهتو، سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو15810 ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ وهڪرو 5364 ڪيوسڪ رهجي ويو، سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 68.2 سيڪڙو رهي، اهڙي صورتحال سبب ٺٽي، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان ضلعن جي واهن ۾ واري اڏامڻ لڳي، ارسا موجب ملڪ ۾ پاڻي کوٽ 39 سيڪڙو آهي، سنڌ ۽ پنجاب 41 سيڪڙو کوٽ کڻي رهيا آهن،