اسلام آباد (بيورورپورٽ) مني پاڪس وائرس پاڪستان پهچي ويو آهي ۽ هڪ ئي ڏينهن 2 ڪيس ظاهر ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ صحت کاتي موجب منڪي پاڪس جو شڪار شخص کي سعودي عرب بي دخل ڪيو هو. جيڪو اسلام آباد جو رهواسي آهي، ۽ سعودي عرب مان سڌو اسلام آباد پهتو هو، جنهن جو علاج هلندڙ آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته منڪي پاڪس ۾ ورتل شهري سان گڏ جھاز ۾ ويٺل شخص کي به وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي. منڪي پاڪس جو شڪار شخص ظاهر ٿيڻ کان پوءِ سڄي ملڪ جي هوائياڏن تي هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. رڏيهه مان ايندڙ شڪي مريضن جا نمونا صحت واري قومي اداري کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.