منڇر ڍنڍ جي بحاليءَ جا امڪان!

0
241
منڇر ڍنڍ جي بحاليءَ جا امڪان!

واپڊا وارن 1976ع ۾ دادو واري علائقي مان سم گھٽائڻ لاءِ هڪڙي اسڪيمو جنهن جو نالو “نارٿ سرفيس ڊرين” هو، هُن ان جو نيڪال مين نارا ڊرين ذريعي منڇر ڍنڍ ۾ تجويز ڪيو ۽ سنڌ سرڪار اعتراض ڪيو ته، اُهو پاڻي منڇر ۾ وڃڻ سان منڇر جو پاڻي خراب ٿي ويندو. واپڊا وارن ٻڌايو ته، ڪنسلٽنٽ جي رپورٽ موجب، پاڻي جي لوڻياٺي ليول جي گھربل ليول 7005 هارٽ پر ملين (P.P.M) کان نه وڌندي، جڏهن ته پاڻي ته گھربل ليول کان 15000 (P.P.M) هو. اها اسڪيم شروع ڪئي وئي ۽ 1992ع ۾ پوري ٿي، جڏهن ته ٻئين جي ليول 1510 (P.P.M) هئي. سال 1992ع ۾ اها ليول 3500 (P.P.M) ٿي وئي. انهيءَ ڪري منڇر جو پاڻي خراب ٿي ويو ۽ منڇر جي پاڻي تي ڀاڙڻ وارا مهاڻا ۽ آبادگار برباد ٿي ويا، جن جو گاڏو انهيءَ پاڻي جي ڪري هلندو هو. پکي پکڻ ۽ جيت جڻيا متاثر ٿيا، ڪيترا مهاڻا ۽ آبادگار لڏي ٻئي هنڌ هليا ويا، غرض ته منڇر تي گذران ڪرڻ وارا متاثر ٿيا. انهن نقصانن کي نظر ۾ رکندي واپڊا وارن هڪ اڀياس ڪرايو ۽ ڪو ٻيو منصوبو تجويز ڪيو، جنهن جو نالو رائيٽ فيڊر آئوٽ فال ڊرين (R.B.O.D) رکيو ويو. انهيءَ مطابق مين نارا ويلي ڊرين کي RBOD ۾ تبديل ڪري انهيءَ جو ڇوڙ منڇر مان هٽائي انڊس لنڪ ذريعي سيوهڻ شريف جي رستي سنڌو درياءَ ۾ رکيو ويو. ڄاڻايل منصوبي جي ڪري منڇر ته بچي ويندي، منڇر جو ته بچاءُ ٿي ويندو پر سنڌو درياءَ جو پاڻي خراب ٿي ويندو، پر وري خاطري ڏياريائون ته ايئن نه ٿيندو ۽ انهيءَ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڏنائون ۽ انڊس ڪچي جي بند تائين ٺاهي ويا.

انهيءَ وچ ۾ چوماسي جا مينهن گھٽجڻ ڪري درياءَ ۾ ايترو وهڪرو گھٽجي ويو، ۽ اهو منڇر مان ايندڙ پاڻيءَ کي تازي ڪرڻ ۾ ناڪافي ٿي ويو ۽ انهيءَ بئنڪ مان ايندڙ پاڻي سنڌوءَ ۾ پوڻ ڪري انهيءَ پاڻيءَ کي خراب ڪري ٿي سگھيو. سنڌ حڪومت وارن پراڻا اعتراض ورجايا پر واپڊا وارن نه مڃيا، آخر فيصلي جو معاملو فوجي سربراهه جنرل پرويز مشرف تائين پهتو، جنهن سال  2000ع ۾ واپڊا وارن ۽ سنڌ حڪومت وارن جا رايا ٻڌا. جنرل پرويز مشرف ڪافي بحث کان پوءِ سنڌ حڪومت جو اهو اعتراض مڃيو ته آر بي او ڊي جو کارو پاڻي سيوهڻ شريف کان ٿي سنڌو درياهه ۾ وجھڻ ڪري سيوهڻ شريف کان هيٺ سنڌو درياءَ جو پاڻي خراب ٿي ويندو، جنهن ڪري ڪوٽڙي بئراج جي آبادي ۽ اٽڪل نوي لک ايراضي ۽ حيدرآباد، ڪراچي جو پاڻي متاثر ٿيندو. پر هن سوال پڇيو ته انهيءَ صورتحال کان بچڻ لاءِ ڇا ڪجي؟ سنڌ حڪومت وارن ٻڌايو ته ايل بي او ڊي وانگر ان جو ڇوڙ به ساڄي ڪپ تي وڏو سم نالو کوٽي سمنڊ ۾ ڪيرائجي. واپڊا وارن ٻڌايو ته، اهو تمام ڏکيو ڪم هو ۽ انهيءَ تي اٽڪل 8000 ارب رپيا خرچ ايندو، انهيءَ تي هن (جنرل پرويز مشرف) فيصلو ڪيو ته سنڌ حڪومت وارا ۽ فوجي ڪور جا انجنيئر انهيءَ ڳالهه تي تفصيلي جائزو وٺن ته اهو خرچ ممڪن هو ته آر بي او ڊي جو پاڻي ساڄي ڪپ تي وڏو سم نالو کوٽي سمنڊ ۾ وجھي سگھجي ٿو، اهو به جاچين ته انهيءَ تي خرچ به گھٽ ايندو ۽ انهيءَ فيصلي کان پوءِ سنڌ آبپاشي کاتي ۽ پنجين ڪور جي انجنيئرن انهيءَ نقطي جو خيال رکي جائزو ورتو.

(1) ڇا انهيءَ سم نالي کي لنگھائڻ لاءِ سنڌو جي ساڄي ڪپ تي رستو هو؟ (2) ڇا انهيءَ کي ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ مناسب جڳهه هئي. (3) ڇا اُهو گھٽ خرچ تي ٺهي سگھندو؟ (4) ڇا اُهو پاڻي بنا پمپن جي قدرتي طور وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري سگھندو؟

انهيءَ جي يڪراءِ رپورٽ موجب، سنڌ جي ساڄي پاسي کڻي وڃڻ لاءِ جاءِ هئي؟ اهو پاڻي قدرتي نموني وهي سمنڊ ۾ وڃي سگھي پيو ۽ پمپن جي ڪا ضرورت نه هئي. انهيءَ جو ڇوڙ گھاري وٽ گھاري ڪريڪ رستي سمنڊ ۾ وڃي سگھي پيو ۽ انهيءَ تي خرچ رڳو  14 ارب رپيا ايندو، هنن وڌيڪ ڄاڻايو ته اهو تڏهن ٿي سگھندو جڏهن انهيءَ منصوبي کي تڪڙي رفتار سان هلايو وڃي. چئن سالن ۾ گھربل فنڊ ڏنا وڃن ۽ وفاقي حڪومت پئسا بنا دير جي گرانٽ طور ڏئي،ايئن نه ٿيو ته خرچ 14 ارب رپين کان وڌي ويندو.

چيف ايگزيڪيوٽو کي جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌايون ويون ته هو ڏاڍو حيران ٿيو ۽ واپڊا وارن کي انهيءَ منصوبي جي غلط ڪاٿي تي ننديو ۽ مين منصوبي تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ جيئن ته اهو منصوبو آبپاشي کاتي ۽ فوجي انجنيئرنگ ٺاهيو هو ته اهي گڏجي ان کي ٺهرائين. فوجي انجنيئرن ۽ آبپاشي کاتي وارن ان جو پي سي ون 14 ارب رپين جو منظور ڪرايو، جنهن موجب هڪ ڪلوميٽر ڊرين سيوهڻ کان گھاري تائين ٺاهڻي آهي. آر بي او ڊي کي سمنڊ ۾ کڻي وڃڻ جو اهو تيز رفتار منصوبو هو، جيڪو پنجن سالن ۾ پورو ڪرڻو هو، انهيءَ لاءِ پهرين سال ٻه ارب رپيا مليا ۽ باقي ٽن سالن ۾ 4 ارب رپيا گھربل هئا. ايڪنيڪ انهيءَ جي منظوري ڏني ۽ پئسا گرانٽ طور ڏيڻ منظور ڪيا. منصوبو گذريل سال تائين کان اڳ ئي صورتحال منجھڻ لڳي. آبپاشي واري منڇر جي انهيءَ منصوبي لاءِ تمام گھڻي جاکوڙ ڪئي، هو 19 نومبر 2001ع ۾ رٽائرڊٿي ويو، جنهن کي ڇهه مهينا ايڪسٽينشن ڏنائون پر هو نامناسب حالتن هجڻ ڪري استعيفيٰ ڏئي هليو ويو. فوج جو انجنيئر آصف غزالي جيڪو هن منصوبي کي سپورٽ ڪري بيٺو هو، بدلي ٿي ڊفينس اٿارٽي جو ايڊمنسٽريٽر ٿي ويو، انهيءَ جي جاءِ تي هڪ تازوٿيل برگيڊيئر اچي ويو ۽ هڪ سال ۾ چار سيڪريٽري مٽايا ويا. ڄڻ ميوزيڪل چيئر پئي هلي ۽ نتيجي ۾ آبپاشي انجنيئرنگ ۽ فوجي انجنيئرنگ جي مفاهمت ختم ٿي وئي، يعني گڏجي ڪم ڪرڻ جي. پهرين مالي سال يعني 2002ع تائين وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ پهرين مالي سال يعني 2002۽ وفاقي منصوبي لاءِ بجيٽ ۾ 900 ملين رپيا رپيا ۽ خرچ لاءِ 4.5 ملين رپيا رليز ڪيا، اهي به ڪل خرچ نه ٿي سگھيا، ٽن سالن کان پوءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا، پر ان وقت تائين رليز نه ٿيا،

سنڌ جي زراعت کاتي جي جياپي ۽ ترقيءَ لاءِ آبپاشي نظام ۾ سڌارو ۽ واڌارو ڪرڻ لاءِ کاري پاڻي کي سمنڊ ۾ نيڪالي تمام ضروري آهي. کاري پاڻي جي سمنڊ ۾ نيڪاليءَ لاءِ کاٻي ۽ سڄي ڪپ واريون سم ناليون ضروري آهن. کاٻي پاسي واري سم نالي يعني آر بي او ڊي  مڪمل ڪئي وڃي. سنڌ جو مفاد انهيءَ ۾ آهي ته ساڄي پاسي واري سم نالي جي رفتار تيز ڪئي وڃي، چاهي پوءِ آبپاشي وارا انجنيئر گڏجي ڪم يا اڪيلي سر ڪم ڪن، جيڪڏهن ٻئي ڌريون مفاهمت ۽ ڀائيچاري سان ڪم ڪن ته تمام سٺو جو چوندا آهن ته ٻه ته ٻارنهن. ٻنهي ڌرين ۾ مفاهمت صفا ڪانهي، جيڪڏهن هڪڙي ڌر جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن جوابداري هڪڙي تي ٿئي. جيڪڏهن اهو به نه ڪيو ويو ته خوف آهي ته اهو منصوبو رلي وڃي. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته منڇر وارا برباد ٿي ويندا ۽ ان سان گڏ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي پيئڻ جو پاڻي نه ملي سگھندو. ڪوٽڙي بئراج تي آباد ٿيندڙ اٽڪل 30 لک ايڪڙ ايراضي منڇر جيان تباهه ٿي ويندي.

آر بي او ڊي جي ترقي انهيءَ ۾ آهي ته، اهو منصوبو جلد مڪمل ٿئي، جيستائين اهو مڪمل نه ٿيندو، منڇر وارا بحال نه ٿيندا. اسان کي کپي ته آر بي او ڊي کي جلد مڪمل ڪريون نه ته منڇر وارا مهاڻا ۽ آبادگار رلي ويندا ۽ منڇر بحال ٿيڻ ممڪن نه ٿيندي.