اچو ته نئين سنڌ اڏيون: منڇر ڍنڍ سميت مختلف شهرن ۾ ايڪتا جا رنگ

0
250
منڇر ڍنڍ تي ايڪتا جا رنگ، سنڌ ملاح فورم پاران اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي آجيان، ريلي
منڇر ڍنڍ تي ايڪتا جا رنگ، سنڌ ملاح فورم پاران اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي آجيان، ريلي

ڀان سيد آباد(رپورٽ: آصف ميمڻ) منڇر ڍنڍ تي ايڪتا جا رنگ نکري پيا، سنڌ ملاح فورم جي سڏ تي منڇر ڍنڍ جي بوبڪ بند تي ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

سنڌ ملاح فورم طرفان غلام مصطفيٰ ملاح ۽ شريف ملاح جي اڳواڻي ۾ ايڪتا ريلي ۾ وڏي انگ ۾ منڇر جا مهاڻا سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پهري شريڪ ٿيا

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايڪتا ڏهاڙي جو اعلان ڪري علي قاضي سنڌين جون دليون کٽي ورتيون آهن، 3 ڊسمبر تي منڇر ڍنڍ جا رهواسي مهاڻا ايڪتا جو جشن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي ڀرپور نموني ملهائيندا

هنن چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران ايڪتا ڏهاڙو { اچو ته نئين سنڌ اڏيون} جي سري هيٺ ملهائڻ بهتر عمل آهي ڇاڪاڻ ته منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ سبب علائقي ۾ تباهي آئي، علائقي کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ جاکوڙيون پيا

نئين سنڌ اڏجي پئي، منڇر واسين 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙي تي ڀرپور جشن ملهائڻ جو اعلان پڻ ڪيو

درگاهه ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين اچو ته نئين سنڌ اڏيون اعلاج جي آجيان

درگاھ ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين پاران اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سلوگن جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي مريدن ۽ عقيدت مندن کي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ڀرپور تيارين جي هدايت به ڪئي وئي

مريد ۽ عقيدتمند ايڪتا ڏهاڙو اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا، قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي آفيس پهچي حمايت جو اعلان ڪيو ۽  ڳالهائيندي چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار هر سال جيان بهترين عنوان سان ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي

اسين علي قاضي جي اعلان جي ڀرپور آجيان ۽ مڪمل حمايت ڪريون ٿا شاھ لطيف جي مريدن عقيدت ۽ ڏيھ توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي اپيل ڪندس ته 3 ڊسمبر تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سلوگن سان ڏهاڙو ڀرپور جوش جذبي سان ملهايو وڃي، هن چيو ته ثقافتي عيد جي شروعات علي قاضي صاحب ڪئي آهي ۽ هر سال بهترين عنوان جو انتخاب ڪيو ويندو آهي

اچو ته نئين سنڌ اڏيون* واقعي نئين سنڌ اڏڻ جي ضرورت آهي، سنڌ قلندر ڀٽائي ۽ سچل جي ڌرتي آهي ۽ اسان جي ثقافت هزارين سال قديم آهي ايڪتا عيد جي موقعي تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڀرپور ساٿ نڀايو ويندو، ڀٽائي در جي ٻهاريدار جي حيثيت سان علي قاضي صاحب ۽ ان جي ٽيم جي ڀرپور ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون