ڀان سيد آباد(رپورٽ: آصف ميمڻ) منڇر ڍنڍ تي ايڪتا جا رنگ نکري پيا، سنڌ ملاح فورم جي سڏ تي منڇر ڍنڍ جي بوبڪ بند تي ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، سنڌ ملاح فورم طرفان غلام مصطفيٰ ملاح ۽ شريف ملاح جي اڳواڻي ۾ ايڪتا ريلي ۾ وڏي انگ ۾ منڇر جا مهاڻا سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پهري شريڪ ٿيا، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايڪتا ڏهاڙي جو اعلان ڪري علي قاضي سنڌين جون دليون کٽي ورتيون آهن، 3 ڊسمبر تي منڇر ڍنڍ جا رهواسي مهاڻا ايڪتا جو جشن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي ڀرپور نموني ملهائيندا، هنن چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران ايڪتا ڏهاڙو { اچو ته نئين سنڌ اڏيون} جي سري هيٺ ملهائڻ بهتر عمل آهي ڇاڪاڻ ته منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ سبب علائقي ۾ تباهي آئي، علائقي کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ جاکوڙيون پيا، نئين سنڌ اڏجي پئي، منڇر واسين 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙي تي ڀرپور جشن ملهائڻ جو اعلان پڻ ڪيو.