دادو/سيوهڻ/ ڀان سيد آباد/ميهڙ/ جوهي (نمائندن وٽان) منڇر جي پاڻي جو وڏو وهڪرو سيوهڻ تعلقي جا سوين ڳوٺ ٻوڙي ايل ايس بند ۽ آر بي او ڊي سم نالي سان ٽڪرائجي ويو آهي جنهن بعد تاريخي شهر ٽلٽي وٽان سم نالي کي گهارا پوڻ سبب پاڻي جو وڏو وهڪرو پ پ ايم اين اي سڪندر راهپوٽو جي ڳوٺ ٻمڀا ۽ ڀان سيدآباد طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي.ڳوٺ ٻمڀا کان پاڻي جو وهڪرو ڀان سيدآباد طرف وڌڻ سبب ڀان سيدآباد ۽ ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن جي رهواسين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي ڀان سيد آباد شھر ۽ ان جي آس پاس جي 3 يوسين کي ريڊ الرٽ جاري ٿيڻ بعد ماڻهن ۾ وڏي افراتفري مچي وئي

وڏي تعداد ۾ شهري سم نالي وٽ پهچي ويا. خوف وڪڙيل ڀان واسي شهرين پاران لڏ پلاڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي جنهن ڪري ٽرانسپورٽ کٽي وئي آهي. ريڊ الرٽ بابت ڊي سي ڄامشورو ٻڌايو ته سم نالي جو بند آر ڊي 1 کان 14 تائين ڪمزور آهي ۽ منڇر مان تمام گهڻو پاڻي اچي رھيو آهي ان ڪري ڀان شھر کي خطرو آهيڀان سيدآباد: منڇر ڍنڍ جي پاڻي سبب مختلف ڳوٺن ۾ ٻوڏ واري صورتحال

جڏهن مقامي ايم اين اي سڪندر راھپوٽو جو چوڻ آهي ته صورتحال اسان جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي ان ڪري ڀان سيدآباد، يوسي شيخ، يوسي ٽلٽي ۽ يوسي ٻنڀا جو عوام گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ٿئي.ٻئي پاسي يوسي آراضي جي ڳوٺ ربڏنو ڳنڀير ڀرسان ڳوٺاڻن طرفان پنهنجي ڳوٺ کي بچائڻ لاءِ ريلوي لائين کي ڪٽ ڏئي ڇڏيو آهي. ريلوي لائين کي ڪٽ ڏيڻ بعد پاڻي جو وهڪرو ڀان سيدآباد جي سم نالي طرف وڌڻ لڳو آهي. جڏهن ته يوسي آراضي جا 50 ڳوٺ ٻوڏ واري پاڻي جي گهيري هيٺ آيل آهن

هوڏانهن  ڀان سيدآباد جي بهادر شهرين طرفان شهر کي بچائڻ لاءِ سنڌرا ٻڌي ڇڏيا آهن سم نالي وٽ پهچي ويا بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ جو پاڻي سيوھڻ ٽول پلازا جي آس پاس ڳوٺن ۾ پھچي ويو ضلعي انتظاميا ڄامشورو پاڪ آرمي جي جوانن سان گڏجي ٻيڙين ذريعي مختلف ڳوٺن مان ماڻھن کي ڪڍي محفوظ ھندن ڏانھن منتقل ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري آھي. ساڳئي وقت ٻوڏ جي پاڻي جو وڏو وهڪرو دادو جي حدن ڏانهن به وڌڻ جي خدشن سبب دادو انتظاميا پاران پير شاخ واري ٽاپ تي دادو کي رنگ بند ٻڌڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي

رابطو ڪرڻ تي ڊي سي دادو مرتضيٰ شاھ ٻڌايو ته ٽلٽي کان سم نالي کي لڳل گهارن مان دادو کي خطرو آهي ان ڪري پير شاخ جي ڪڙ بند وٽ دادو کي رنگ بند ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي هنگامي بنيادن تي ٻين شهرن مان به ڪرينون ، ڊمپر ۽ ٻي مشنري طلب ڪئي آهي ، دادو شهر کي بچائڻ لاء هر ممڪن اپاءُ ورتا ويندا

ٻئي طرف ميهڙ ۾ صبح جو هلڪي هلڪي برسات پوڻ سبب شهرين جو ساهه سڪي ويو، کلي آسمان ھيٺ ويٺل ماڻھن پاران ياالله رحم جون صدائون بلند ڪيون ويون، رنگ بند تي نوجوانن جي وڏي انگ پهچي بند کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم جاري رکيو  جڏهن ته پاڻي ۾ پڻ معمولي لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي جڏهن ته جوھي جي رنگ بند سميت آس پاس ڳوٺن ۾ پاڻي ۾  لاٿ نه اچي سگھي آھي, رنگ بند تي پاڻي جو دٻاء برقرار  آهي. آبپاشي کاتي جي ماھرن موجب منڇر کان حمل ڍنڍ تائين چار منڇر جهڙا پاڻي بيٺل آھن جنهن سبب جوھي تعلقي جو پاڻي آھستي نيڪال ٿيندومنڇر ڍنڍ کي ٽن ھنڌن تي ڏنل

جهڏو ۾ جسڪاڻي سم نالي کي ڳوٺ پوپٽ ڪڇي وٽان 200 فوٽ جو گهارو پئجي ويو، گهاري جو پاڻي تيزي سان ڳوٺ پوپٽ ڪڇي، ڳوٺ نواز اوٺو، ڳوٺ محمد خاصخيلي سميت 20 ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سبب ڄاڻايل ڳوٺن مان وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن

ھوڏانھن پراڻ ڍورو کي 316 بند وٽان لڳل گهارو 10 ڏينهن گذرڻ باوجود ۽ درگاهه ملوڪ شاهه وٽ لڳل گهارو 17 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻڌجي نه سگهيو آهي، گهارن کي بند ڪرڻ جو ڪم شهري پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انتظاميا گهارا بند ڪرڻ واري ڪم ۾ شهرين جي نالي ماتر مدد ڪري رهي آهي

گهارن جو پاڻي مين شهر جي بازارن توڙي رهائشي علائقن غلام حسين ڪالوني، عاشق ڪالوني، ڪڇي ڪالوني، کوسا پاڙو سميت سموري شهر جي بازارن توڙي رهائشي علائقن ۾ 4 کان 6 فوٽ تائين بيٺل آهي، شهر ۾ ڪاروبار مڪمل طور تي بند آهي، جڏهن ته هاڪڙي درياءَ جي پاڻي جي تيز وهڪرن ڪلوئي تعلقي جي وڌيڪ 4 ڳوٺن  جڳو ڀيل ، پنهون ڪولهي ، غلام رسول لنڊ ، يار محمد لنڊ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد تحت لڏپلاڻ ڪري محفوظ ھنڌن ڏانهن روانا ٿي ويا. هوڏانهن ايل بي او ڊي سم نالي جي نئون ڪوٽ کي ميرپورخاص سان ملائيندڙ پل 22 ڏينهن به پاڻي جي اوپر فلو ٿي وهڻ ڪري ٽريفڪ لا بند رهي

ھي به پڙھندا

ميهڙ شهر تان ٻوڏ جو خطرو نه ٽريو، رنگ بند تي پاڻيءَ جو دٻاءُ برقرار

ڀان سيدآباد: منڇر ڍنڍ جي پاڻي سبب مختلف ڳوٺن ۾ ٻوڏ واري صورتحال

ڀان سيدآباد ڀرسان سم نالي کي لڳل گھارن جي ٻوڙان ٻوڙ جاري، ٽلٽي کي گھيرو