دادو: ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ ۾ مختلف وقتن تي پاڻي جي گنجائش وڌائڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو آهي ، 1975 ۾ ذوالفقار ڀٽو جي دور ۾ منڇر بند جي اوچائي 8 فوٽ مان وڌائي 12. فوٽ ڪئي وئي ، 1980 واري ڏهاڪي ۾ منڇر جي بند جي اوچائي 12 فوٽن مان وڌائي 16 فوٽ ڪئي وئي 1995 ۾ نئين گاج 22 فوٽ وهي اچڻ ڪري تير ڀت ٽٽڻ کانپوء منڇر بند ٽٽڻ کانپوء اڳوڻي وڏي وزير مرحوم عبدالله شاھ منڇر بند جي اوچائي 16 فوٽ مان وڌائي 20 فوٽ ڪرائي ، 2010 ۾ ٽوڙي بند ٽٽڻ سبب پاڻي جو وڏو وهڪرو منڇر ۾ داخل ٿيڻ ڪري منڇر کي گهارا پئجي ويا جنهن کانپوء ان وقت آبپاشي جي صوبائي وزير سيد مراد علي منڇر بند جي اوچائي 20 فوٽ مان وڌائي 28 فوٽ ڪرائي ۽ 2022 ۾ بلوچستان کان پاڻي جو وڏو وهڪرو منڇر ۾ ڇوڙ ٿيڻ کانپوء منڇر ۾ پاڻي جي سطح 28 فوٽ تي پهچڻ کانپوء منڇر لڙهڻ جي امڪان سبب منڇر بند کي ٻن هنڌن تان ڪٽ ڏنا ويا ، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ منڇر بند جي اوچائي 28 فوٽ مان وڌائي 30 تي پهچائي بند جي مڪمل پچنگ ڪئي وئي.