منڇر، سنڌو تهذيب جو مرندڙ ماڳ 

0
52
منڇر، سنڌو تهذيب جو مرندڙ ماڳ 

 سنڌ جي عمومن غيرآباد، بي ثمر ۽ بي لطف ماحول ۾ منڇر جو نظارو نهايت ئي دل کي لڀائيندڙ آهي. منڇر هڪ وسيع علائقي ۾ پکڙيل آهي، جتي جبلن جي وچ ۾ هر طرف گاهه ۽ ڪنول جي گلن سان ڍڪيل پاڻي آهي ۽ انهيءَ پاڻي تي ترندڙ ٻيڙين ۾ گهر آهن، جن ۾ سنڌي ماڻهو رهن ٿا. اتان جي رهندڙن جو گذر سفر مڇي جي شڪار تي آهي. ڍنڍ ۾ مڇي سان گڏ پاڻي جا پکي پڻ گهڻي تعداد ۾ موجود آهن. اهي اکر انگريز ليکڪ ٽي يونسٽن پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکيا. منڇر کي سنڌو درياهه ٺاهيو انهيءَ ڪري ان کي سنڌو درياهه جي ڌيءَ پڻ لکيو ويو آهي.

                 منڇر نه رڳو ڍنڍ آهي، پر اها سنڌو تهذيب جو ماڳ مڪان پڻ آهي. تاريخ مظهر شاهجاني جي مصنف يوسف ميرڪ منڇر ڍنڍ لاءِ لکيو آهي ته “هي خاص نوعيت جي ڍنڍ آهي، جنهن جا رهواسي ڍنڍ اندر پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا. هو ٻاهر ڪونه نڪرن، سندن گهر به ٻيڙين تي آهن. هن ڍنڍ ۾ سورهن وڏا ڳوٺ آهن، پر اناج ڪونه اپائين، ان ڪري ڍل ڏيڻ کان انڪاري آهن. هتي مختلف قسم جي مڇي ٿئي ٿي ۽ ڪروڙن جي انگ ۾ پکي رهن ٿا. عام ماڻهو پنهنجو گذارو، مڇي، پکي بهه، پٻڻ وغيره تي ڪن ٿا. هتان جا مهاڻا پکين جو شڪار پنهنجي نرالي انداز ۾ ڪن ٿا، پر شڪار جو اصل مزو بندوق سان آهي. بندوق جي ٺڪاءُ سان ڪيئي پکي هڪ ڌڪ ۾ ڪري پون ٿا ۽ ٻيا جڏهن اڏرن ٿا ته ڪڪر ٺهي پون ٿا. منڇر جي ڪنڌي تي اين جي مجمدار 4500 ق- م سان تعلق رکندڙ لوهڙي، لعل ڇٽو ۽ پير مشائخ ماڳ 1930ع ۾ ڳولي لڌا. ان کانپوءِ 1976ع ۾ ڊاڪٽر لوئس فليم ۽ تاج محمد صحرائي گڏيل طور جهانگارا، ڀانداري، ڊنب بٺي، ڇاريو واهه، نڪو بٺي، ڪائي نيگ، گورا ندي، غازي شاهه، ٽنڊورحيم ۽ علي مراد شاهاڻي ڳولي لڌا.

سنڌ ۾ ٻه وڏيون ڍنڍون منڇر ۽ ڪينجهر پنهنجي الڳ حيثيت ڪري مشهور آهن. منڇر جي مشهوري جو سبب ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻي جي ڍنڍ هئڻ ۽ ڪينجهر وري نوري ڄام تماچي جي لازوال داستان محبت جي ڪري مشهوري ماڻي، جنهن جو ذڪر سنڌ جي وڏي شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ پڻ ڪيو آهي.

منڇر جي وجود متعلق ڪا به پڪي پختي ثابتي نه آهي، پر اها حقيقت آهي ته ان جو وجود تاريخ جي دور کان اڳ (Prehistoric Period) واري دور سان آهي. اهو چيو وڃي ٿو ته منڇر جو تعلق 8 کان 10 هزار سال قبل مسيع هولوسين (Holocone) دور سان آهي. جيئن ته مٿي ذڪر ڪيو آهي ته منڇر سنڌو درياهه جي پيداوار آهي، انهيءَ سلسلي ۾ اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ڪنهن وقت ۾ بکر وٽان سنڌو درياهه جي مکيه وهڪري مان اولهه طرف نڪرندڙ ڇاڙ، جنهن کي ڪنب درياهه سڏيو ويندو هو، جيڪا وري سيوهڻ وٽان اچي ٻيهر سنڌو درياهه سان ملندي هئي، ان جي پيداوار آهي. ڪنب درياهه کي پوءِ وري اولهندو نارو پڻ لکيو ويو، اهو اچي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو هو. منڇر کي ڀرڻ لاءِ اولهندي ناري کانسواءِ مختلف نيون، جن ۾ نئي گاج، نئي شول، نئي انگائي، نئي نيگ، نئي گمراڇ، نئي لوڻي ۽ نئي ٻنڌوري شامل آهن. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ کانپوءِ اولهندي ناري جي جڳهه دادو ڪئنال والاري. اڳتي هلي سنڌو درياهه مان ٻه واهه اڙل ۽ دانستر ڪڍي منڇر کي پاڻي مهيا ڪيو ويو. انهن ٻنهي واهن جي گڏيل پاڻي آڻڻ جي سگهه ٻارهن هزار ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ آهي. اهي ٻئي واهه ٻه طرفو وهن ٿا، يعني درياهه مان پاڻي کڻي منڇر ۾ وجهڻ ۽ بوقت ضرورت منڇر مان پاڻي ڪڍي درياهه ۾ ڇنڊ ڪرڻ.

منڇر جيڪا 210 چورس ميلن تي پکڙيل آهي، ان ۾ 0.75 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش آهي. ان منڇر جي اوج جو اندازو ان مان ڪري سگهجي ٿو ته اتي ٻيڙين جي شهر ۾ رهندڙ ماڻهن جو تعداد هڪ لک جي لڳ ڀڳ هو. ان مان مرندڙ مڇي ملڪ ۾ ٻين شهرن ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ ريل گاڏي بوبڪ اسٽيشن تي اڌ ڪلاڪ بيهندي هئي. 1930ع ۾ بوبڪ کي ميونسپل ڪميٽي جو درجو حاصل هو. بوبڪ ميونسپلٽي سنڌ ۾ ٽين يا چوٿين نمبر تي ميونسپلٽي هئي. بوبڪ ميونسپلني 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان آزادي کان پهرين بمبئي ميونسپلي کي 35000 روپيه اڌارا ڏنا هئا. بوبڪ ميونسپلٽي ڪراچي ۽ شڪارپور ميونسپلٽي کان وڌيڪ خوشحال هئي. ڪراچي ۽ شڪارپور ميونسپلٽي کي مالي مدد پڻ ڪندي هئي.  اهو سڀ منڇر جي ڪري هو. اڄ اها منڇر سقراط جي حالت ۾ آهي. منڇر کي سقراط ۾ آڻڻ لاءِ ترقياتي منصوبن جي نالي ۾ مٺو زهر ڏنو ويو آهي. اهو مٺو زهر 1976ع ۾ واپڊا طرفان ناردرن سرفيس ڊرينيج اسڪيم جي نالي ۾ ڏنو ويو. انهي منصوبي مطابق سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي جيڪب آباد ضلعي کان وٺي دادو تائين سڄي علائقي جو سم ۽ ڪلر وارو زهريلو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو رٿيو ويو. ان کانپوءِ ان ۾ بلوچستان جو پاڻي پڻ شامل ڪيو ويو. منصوبو ٺاهڻ وقت واپڊا وارن غلط بياني کان ڪم وٺندي سنڌ حڪومت کي يقين ڏياريو ته مٿان ايندڙ پاڻي ۾ لوڻياٺ جي سطح 700 پارٽس پرملين (پي پي ايم) کان وڌيڪ نه هوندي. منصوبي مڪمل کانپوءِ جڏهن مٿان ايندڙ پاڻي ۾ لوڻياٺ جي چڪاس ڪئي وئي ته اها 3500 پي پي ايم هئي. جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي لاءِ اها حد 1000 پي پي ايم ۽ پوکي راهي لاءِ 1500 پي پي ايم آهي. انهيءَ لوڻياٺ پاڻي منڇر جو انت آڻي ڇڏيو ۽ ماڻهو هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا ته مٺي پاڻي جو ديس ڪيڏانهن ويو. ايئن ٻيڙين جو شهر پڻ اجڙي ويو. منڇري پنهنجو ماڳ ڇڏي ڪن تربيلا جو رخ ڪيو ته ڪن وري وڃي ابراهيم حيدري وسائي. واپڊا هن وقت تائين جيڪي به منصوبا سنڌ ۾ ٺاهيا آهن، اهي سنڌ لاءِ مٺو زهر ثابت ٿيا آهن. انهيءِ لاءِ ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين ۽ چوٽياريون ڊيم مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.

مٺي پاڻي جو ديس تباهه ٿيڻ ۽ ٻيڙين جي شهر اجڙڻ ڪري علائقي تي پيل اثر هن ريت آهي.

  1. سال 1950ع ۾ منڇر مان ساليانو 3000 ٽن مڇي مرندي هئي، جيڪا سال 2001ع ۾ 100 ٽن ٿي وئي. هاڻي ته ناني وارا ڪن وڃي بچيا آهن.
  2. مڇي تي گذر ڪرڻ وارن هڪ لک مهاڻن مان اڪثريت روزگار جي تلاش ۾ ملڪ جي مخلتف حصن ڏانهن لڏي وئي.
  3. سال 2001ع ۾ منڇر جي آس پاس زهريلو پاڻي استعمال ڪرڻ ڪري 100 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون، جڏهن ته 2004ع ۾ منڇر جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ ڪري حيدرآباد ۽ ان جي آس پاس پڻ ڪافي جانيون ضايع ٿيون.
  4. منڇر جو پاڻي زهريلو ٿيڻ ڪري 60 قسم جون مٺي پاڻي جون مڇيون، 30 قسمن جا گاهه ۽ 100 قسمن جا پرديسي پکي ختم ٿي ويا.
  5. مٺي پاڻي تي پيدا ٿيندڙ پٻڻ، لوڙهه، ٻوراني ۽ بيهه ختم ٿي ويا
  6. سائيبيريا مان ايندڙ پکي بند ٿي ويا، جنهن جي ڪري ڍنڍ جي ماحوليات تي خراب اثر پيو.
  7. ڍنڍ جي آسپاس وارن علائقن ۾ زراعت ٿيندي هئي جيڪا پاڻي خراب ٿيڻ ڪري ختم ٿي وئي.
  8. منڇر جي علائقي ۾ غربت وڌي وئي.

مرڪزي سرڪار پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ وري هڪ ٻي وڏي غلطي ڪئي. سرڪار اهو زهريلو پاڻي ڍنڍ ۾ ڇڏڻ جي بجاءِ سنڌو سنئون سيوهڻ کان مٿين ڀر درياهه ۾ ڇوڙ جو منصوبو ٺاهيو. سنڌ حڪومت جي مخالفت جي باوجود انهيءِ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. آخر ڪار سنڌ جي هاءِ گهوڙا تي اهو منصوبو اڌورو ڇڏي، هڪ ٻيو منصوبو رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين (آر آر بي او ڊي) جي نالي سان جوڙيو، جنهن تحت اهو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي بجاءِ ٺٽي ضلعي جي گهاري شهر وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو رٿيو ويو. آر بي او ڊي جي ڊيگهه 273 ڪلو ميٽر آهي. انهيءَ منصوبي تي اٽڪل ويهه سال اڳ چوڏهن ارب روپين جي ڪٿ سان ڪم شروع ڪيو ويو. انهيءَ منصوبي تي هن وقت تائين 60 ارب روپين کان وڌيڪ خرچ اچي چڪو آهي، پر منصوبو اڃا نامڪمل آهي. هڪ اندازي مطابق انهيءَ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ اڃا ايتري وڌيڪ رقم جي ضرورت پوندي.

سال 2022ع ۾ آيل برساتي ٻوڏ جي ڪري هڪ اندازي مطابق بلوچستان جي جابلو علائقن تان آيل پاڻي 120 ملين ايڪڙ فوٽ جي برابر هو. انهيءَ کان پهرين 2010ع واري دريائي ٻوڏ 2006ع ۽ 2011ع واري برساتي ٻوڏ ۾ پاڻي سنڌو درياهه جو ساڄو پاسو ٻوڙي منڇر ۾ آيو هو. ڇاڪاڻ جو اهو درياهه جو پراڻو وهڪرو ۽ پاڻي جو قدرتي لنگهه آهي.

2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ سنڌ سرڪار کي انهيءَ آفت لاءِ ڪو محفوظ رستو ڳولڻ کپندو هو، پر سرڪار ٻارهن سال خاموش تماشائي رهي، تان جو 2022ع ۾ هڪ دفعو وري عوام آزار ۾ اچي وئي. عوام جو الهه تلهه چٽ ٿي ويو ۽ هاڻي سرڪار وٽ ماڻهن جي ٻيهر بحالي لاءِ غير ملڪي امداد کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي. غير ملڪي امداد ملڻ جي اميد پڻ گهٽ آهي. اها ڳالهه يونيسيف جي صدر جي تازي بيان مان واضح ٿي وڃي ٿي. موجودهه صورتحال ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن. هڪ ته جيڪڏهن وري 2022ع جهڙي برسات ٿئي ٿي ته ان کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ ٻيو ته منڇر جو وڃايل اوج ڪيئن واپس ڪجي. جيستائين پهرين ڳالهه جو تعلق آهي ته ان لاءِ سرڪار کي هنگامي بنيادن تي اڀياس ڪرائي ايندڙ برساتي موسم کان پهرين پاڻي کي ڪو محفوظ لنگهه ڏيڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجي. لامحالا اهو پاڻي منڇر ۾ ايندو، انهيءَ ڪري منڇر کي هڪ ڊيم طور ٺاهيو وڃي ۽ ان جي گنجائش وڌائي وڃي. ان جي بندن کي هن سال آيل پاڻي جي حساب سان مضبوط ڪيو وڃي. اڙل ۽ دانستر واهن جي پاڻي کڻڻ جي سگهه وڌائي وڃي. سيوهڻ دادو روڊ تي پاڻي لنگهه جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي، جيئن آمد رفت ۾ رڪاوٽ نه ٿئي. جيستائين منڇر جي اوج موٽائڻ جو تعلق آهي ته اهو هڪ اهم ۽ قومي اهميت جو سوال آهي. مرڪزي سرڪار طرفان منڇر جو اوج موٽائڻ لاءِ آر بي او ڊي 2 کي مڪمل ڪرڻ جو چيو وڃي ٿو. انهيءَ تي اها چوڻي ٺهڪي اچي ٿي ته علاج بيماري کان بدتر. آر بي او ڊي تي هن وقت تائين ٿيل خرچ ۽ گهربل رقم جو مٿي ذڪر اچي چڪو آهي. ان کانسواءِ اها سم نالي ٻه سو ڪلو ميٽرن تائين دريائي بند جي اندر ۽ درياهه سان گڏوگڏ هلي ٿي، هڪ ته جيڪڏهن انهيءَ سم نالي ۾ ڪنهن به ڳالهه جي ڪري گهارو پئجي ويو ۽ خاص ڪري ان وقت جڏهن درياهه ۾ پاڻي گهٽ هوندو آهي ته سيوهڻ کان سمنڊ تائين درياهه جو پاڻي جاندار چيزن ۽ ماڻهن جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو، جيئن 2004ع ۾ ٿيو ان کان علاوهه جڏهن به درياهه ۾ اٿل آئي ته سم نالي جي بندن کي نقصان پهچندو ۽ انهن جي سار سنڀال عوامي خزاني تي بار بڻجي ويندي. منڇر جي اوج موٽائڻ لاءِ آر بي او ڊي ٻه، جي منصوبي کي بند ڪري، منڇر ۾ ايندڙ پاڻي ۾ زهريلي لوڻياٺ گهٽائڻ وارو منصوبو يعني (Treatment Plant) لڳايو وڃي. آر بي او ڊي ٻه منصوبي جي لکت ۾ مخالفت سنڌ جو نالي وارو انجنيئر محترم علي گوهر تنيو پڻ ڪري چڪو آهي.

منڇر کي سياحتي مرڪز ٺاهي، اتي زندگي جون گهربل بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن. هتان جي ماڻهن کي روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ بوبڪ ۾ گتي (Hard Board) جو ڪارخانو لڳايو وڃي. ان ۾ منڇر جو گاھه ۽ ڏير ڪچي مال طور استعمال ڪيو وڃي. منڇر ڍنڍ کي سڄو سال پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ دادو ڪئنال يا رائيس ڪئنال مان هڪ الڳ واھه ڏنو وڃي. مڇي مارڻ لاءِ ڊي-ڊي-ٽي پائوڊر يا ٻين غير  روايتي طريقن کي قانوني ڏوھه قرار ڏنو وڃي.

آر- بي- او- ڊي ٻه جي مڪمل ٿيڻ سان منڇر ته شايد بچي وڃي، پر سيوهڻ کان سمنڊ تائين درياھه جو پاڻي استعمال ڪندڙ ماڻهن مٿان موت جي تلوار هر وقت لٽڪندي رهندي. آر-بي-او-ڊي ٻه جو مستقبل پڻ ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين (ايل – بي-او-ڊي) ۽ چوٽياريون ڊيم کان مختلف نظر نٿو اچي. شايد اهڙن منصوبن ٺاهڻ وارن لاءِ لطيف سائين چيو آهي،

ڪٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا،

ڏئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو. (شاھه)