حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) مني لانڊرنگ ۽ ايل پي جي اسڪينڊل ۾ قومي خزاني کي 29 ارب رپين جو نقصان پھچائڻ وارو معاملو. احتساب عدالت مني لانڊرنگ ۽ ايل پي جي اسڪينڊل واري ريفرنس ۾ مشهور صنعتڪار اقبال زيڊ احمد سميت 6 جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جوابدارن کي نيب تحويل ۾ وٺي عدالتي حڪم تحت نارا جيل اماڻي ڇڏيو آھي. ريفرنس ۾ نامزد اقبال زيڊ احمد، پٽن فصيح الدين احمد، رضيع الدين احمد، قاضي همايون، عاصم افتخار ۽ سلامت علي پنھنجي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ معرفت ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڄاڻايل جوابدار ضمانت تي آھن جنھن تي ھن عدالت کي آگاھي ڏني ته انھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ مان پنھنجي ضمانت لاءِ ڏنل شوئرٽي واپس وٺي ڇڏي آھي جنھن ڪري ھاڻي لاڳاپيل عدالت ۾ انھن گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ رجوع ڪيو آھي. وڪيل عدالت کي اھا به آگاھي ڏني ته ڄاڻايل ريفرنس ۾ گرفتار جوابدارن سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد مان ضمانت ڪرائي ھئي جڏھن ته 4 جوابدار گرفتاري کان اڳ واري ضمانت تي ھئا ان ڪري جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي وڃي. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر پاران جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي مخالفت ڪئي وئي. نيب ذريعن موجب ته عدالت رمارڪس ڏنا ته اھڙي صورتحال ۾ جوابدارن کي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت نه ملندي جڏھن ته اوھان سندن گرفتاري کانپوءِ ضمانت لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري سگھو ٿا. انچارج جج جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواست رد ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو جنھن بعد نيب اقبال زيڊ احمد سميت ڇھن ئي جوابدارن کي تحويل ۾ وٺي عدالتي حڪم تحت نارا جيل اماڻي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته 4 سيپٽمبر 2019ع تي نيب لاھور ۾ ڪارروائي ڪندي ايل پي جي اسڪينڊل ۽ مني لانڊرنگ جي الزام ۾ مشھور ڪاروباري شخصيت اقبال زيڊ احمد ۽ ان جي ملازم سلامت علي کي گرفتار ڪيو ھو جن کي بعد ۾ جاچ لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو. نيب ڄامشورو جوائنٽ وينچر لميٽيڊ (جي جي وي ايل) جي ايل پي جي اسڪينڊل ۽ مني لانڊرنگ جي الزامن تحت 2020ع ۾ حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ قومي خزاني کي 29 ارب رپين جو نقصان پھچائڻ تي 7 جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪيو ھو جنھن ۾ گرفتار اقبال زيڊ احمد ۽ سندس ملازم سلامت علي کان علاوه ٻن پٽن فصيح الدين احمد، رضيع الدين احمد، قاضي ھمايون فريد، عاصم افتخار ۽ محمد رمضان کي نامزد ڪيو ھو. نيب پاران ريفرنس داخل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد مان 31 مارچ 2020ع تي گرفتار اقبال زيڊ احمد ۽ سندس ملازم سلامت علي 10-10 لک رپين عيوض ضمانت ڪرائي ھئي جڏھن ته جوابدار فصيح الدين احمد، رضيع الدين احمد، قاضي ھمايون فريد ۽ عاصم افتخار جي به 10-10 لک رپين عيوض مستقل بنيادن تي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ٿي ھئي. ھلندڙ سال پي ڊي ايم حڪومتي دور ۾ پارليامينٽ مان نيب ترميم منظور ٿيڻ بعد ڄاڻايل ريفرنس تي ڪارروائي کي روڪيو ويو ھو پر سپريم ڪورٽ پاران نيب جي ڪجھ ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ ٻيھر ڄاڻايل ريفرنس حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ اماڻيو ويو. قانوني ماھرن جو چوڻ آھي ته اقبال زيڊ احمد سميت ٻين جوابدارن سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد مان ضمانت لاءِ ڏنل 10-10 لک رپين وارا مچلڪا واپس وٺي ڇڏيا ھئا جنھن ڪري قانوني طور کين مليل ضمانت واري حيثيت ختم ٿي وئي ھئي ۽ ان ئي آڌار تي عدالت به سندن ضمانت واري درخواست رد ڪندي جيل اماڻي ڇڏيو آھي.