لاهور (م ڊ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾  مونس الاهي جون ملڪيتون منجمد ڪيون ويون آهن. ان ڏس ۾ وفاقي جاچ اداري مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي جون سموريون ملڪيتون منجمند ڪري ڇڏيون آهن. لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ ۾ مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي، ايف آءِ اي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. عدالت مني لانڊرنگ ڪيس جي گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم جاري ڪيو. لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته رپورٽ موجب مونس الاهي عدالت مان اشتهاري ٿي چڪو آهي جڏهن ته مونس الاهي جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.