مني لانڊرنگ ڪيس: جيڪولين فرنينڊس جوابدار سان شادي جي خواهشمند

0
64
مني لانڊرنگ ڪيس

نئين دهلي (شوبز نيوز) 200 ڪروڙ رپين جي ڀتا خوري ۽ مني لانڊرنگ ۾ ملوث ۽ تهاڙ جيل ۾ قيد جوابدار سڪيش چندر شيکر سان پنهنجي واسطي بابت اداڪارا جيڪولين فرنينڊس نوان انڪشاف ڪيا آهن. مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ جيڪولين فرنينڊس ۽ نورا فتحي شامل آهن

دهلي پوليس جي اي او ڊبليو ونگ پاران ٻنهي اداڪارائن سوڌو بالي ووڊ جي وڌيڪ مشهور شخصيتن کان به جاچ ڪئي پئي وڃي. اسپيشل ڪمشنر آف پوليس رويندر يادو ميڊيا سان ڳالهائيندي جيڪولين پاران ڏنل بيان بابت ٻڌايو

رويندر يادو ٻڌايو ته جاچ دوران اداڪارا جيڪولين اعتراف ڪيو آهي ته هن جا جوابدار سڪيش سان لاڳاپا هئا، جيڪولين سڪيش بابت گھڻي سنجيده هئي ۽ هن کي پنهنجي خوابن جو شهزادو سمجهندي هئي، جيڪولين جو سڪيش چندر سان شادي جو ارادو به هيو

ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جيڪولين فرنينڊس سڪيش چندر شيکر جي پيار ۾ ان ريت ٻڏي چڪي هئي جو هن جا ڏوهه ظاهر ٿيڻ باوجود به اداڪارا مسلسل سڪيش سان رابطي ۾ هئي