ممبئي (شوبز نيوز) جئديپ آهلاوت، منوج باجپائي مشهور ويب سيريز “دي فيملي مين” جي ٽئين سيزن ۾ گڏ نظر ايندا. پاتال لوڪ سيزن ٽو ۾ شاندار پرفارمنس کانپوءِ جئديپ آهلاوت هاڻ منوج باجپائي جي مشهوري ويب سيريز دي فيملي مين جي ٽئين سيزن ۾ نظر ايندو. راج اينڊ ڊي ڪي جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ ايڪشن ٿريلر سيريز جو مداحن کي شدت سان اوسيئڙو آهي. هڪ انٽرويو دوران جئديپ آهلاوت دي فيملي مين جي ٽئين سيزن ۾ منوج باجپائي سان ڪم ڪرڻ بابت پنهنجا ويچار ونڊيا. هن چيو ته هو تمام پرجوش آهي ۽ منوج باجپائي سان اسڪرين شيئر ڪرڻ کي پنهنجو اعزاز سمجهي ٿو. سندس چوڻ هو ته منوج ڀائي ڪمال جو اداڪار آهي، ساڻس ڪم ڪندي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ٿو. جئديپ وڌيڪ چيو ته شو جي ڪهاڻي تمام بهترين آهي، ٽيم زبردست آهي ۽ هدايتڪاري شاندار آهي. هن چيو ته منوج سان ڪم ڪرڻ جو شوق پهريان وانگر برقرار آهي، اميد آهي ته جڏهن شو رليز ٿيندو ته سڀني کي پسند ايندو. پاتال لوڪ ۽ فيملي مين جهڙين وڏين ويب سيريز جي پروڊڪشن تي ڳالهائيندي هن چيو ته اِها سندس لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي جو کيس اهڙن ڪامياب سيزن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. واضح رهي ته راج اينڊ ڊي ڪي جي هدايت هيٺ ٺهندڙ ” دي فيملي مين“ جو ٽيون سيزن ويجهڙائي ۾ مڪمل ٿيو آهي ۽ اميد آهي ته سيريز هلندڙ سال ڏياريءَ جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي. ياد رهي ته دي فيملي مين جو پهريون سيزن 2019ع ۾ ۽ ٻيو سيزن 2021ع ۾ رليز ٿيو هو، جنهن ۾مشهور ڏکڻ ڀارتي اداڪارا سمانٿا رٿ پرڀو پڻ شامل هئي.