منهڙو (ن پ ا) منھڙو لڳ پٻجو ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ﷲ داد جمالي ۾ اڄ صبح 8 بجي جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ مٿي ۾ ڏنڊا لڳڻ سبب 45 سالن جو شير علي جمالي موقعي تي قتل ٿي ويو، جنهن جو اطلاع منھڙو پوليس کي ڏنو ويو، جنھن بعد منھڙو پوليس قتل ٿي ويل شير علي جمالي جي وارثن کي ليٽر ڏئي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ ايمبولنس ذريعي شاهپور جهانيان اسپتال کڻائي وئي، جتي ڊاڪٽر پاران فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنھن بعد مقتول جو لاش حد جي ٿاڻي پٻجو تي آندو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول شيرعلي جي ڀاءُ عاشق علي ۽ ميهر علي جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو پنهنجي برادري واران سان چوريءَ جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو. اڄ صبح جوابدارن غلام علي جمالي، علي بخش جمالي، عاجو، هوشو جمالي اسان جي گهر مٿان ڏنڊا کڻي حملو ڪري ڏنو ۽ اسان جي پنھنجي گھر م ويٺل همراھ نالي شير علي جمالي کي ڏنڊا ھڻي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي اسان منهڙو پوليس وٽ اين سي داخل ڪرائي هئي، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد اسان جي همراهه جي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ ھو بيھوش ٿي ويو، جنهن سبب اسان پنھنجي ويجھي ٻانڌي شهر جي ڊاڪٽر سليم چانڊيو وٽ بيھوش ٿي ويل ڀاءُ شير علي جمالي کي کڻي وياسين جنهن تصديق ڪندي ٻڌايو ته اوهان جو همراهه فوت ٿي چڪو آهي، ان بعد اسان حد جي پٻجو پوليس اسٽيشن تان پوليس کان ليٽر وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ شاهپورجهانيان جي سرڪاري اسپتال ۾ پهتاسون ۽ پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي. مقتول جي وارثن بيگناھ خون جو ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڏينھن ڏٺي جو گھر تي حملو ڪري اسان جي بيگناھ ڀاءُ کي بيدردي سان ڏنڊا ھڻي قتل ڪندڙ جوابدار جي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.