لاهور: (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي پيءُ جي ٻيهر گرفتاري تي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان آزاد ڪرڻ کانپوءِ پوليس پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي جو چوڻ آهي ته پوليس عدالتي حڪمن کانپوءِ منهنجي والد کي گهر ڇڏڻ واري هئي. هن چيو ته گهٽيءَ ۾ داخل ٿيندي ئي منهنجي والد کي اغوا ڪيو ويو، اها عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي. ياد رهي ته اسلام آباد پوليس پرويز الاهي کي ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو آهي جنهن کانپوءِ کيس اسلام آباد منتقل ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ اهي ته پرويز الاهي کي 3 ايم پي او تحت 15 ڏينهن لاءِ اڊيالا جيل ۾ نظربند ڪيو ويندو.