پهلگام(انٽريسٽنگ نيوز) والاريل ڪشمير ۾ حملي بعد به سک ياترين لاءِ پاڪستان جا دروازاکليل آهن جن ۾ ڪرتارپور جي راهداري به شامل آهي. ڪرتارپور ۾ تازو ئي پنجاب پوليس جي اهلڪار جي سک ياترين جي آجيان جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ اهلڪار جي جذباتي انداز پاڪستان جي مهمان نوازي جي خوبصورت عڪاسي ڪئي. وڊيو ۾ پنجاب جي هڪ اهلڪار کي سک ياترين جو استقبال منفرد انداز ۾ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. اهلڪار هڪ ضعيف عورت کي ڀاڪر پاتو ۽ کيس پنهنجي ماءُ چوندي جذباتي انداز ۾ نظم پڙهي ان موقعي تي سک ياتري به جذباتي ٿي ويا ۽ مقامي ماڻهن جي اکين ۾ به ڳوڙها اچي ويا. ضعيف عورت به اهلڪار جي سيني سان لڳي روئيندي رهي.