ممبئي (اسپورٽس نيوز) بالي ووڊ سلطان سلمان خان ه گينگسٽر لارنس بشنوئي طرفان ملندڙ موتمار ڌمڪين تي نيٽ خاموشي ٽوڙي ڇڏي. سلمان خان اڄڪلهه عيد تي رليز ٿيندڙ فلم سڪندر جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي، جتي هڪ تقريب دوران جڏهن کائنس لارنس بشنوئي گينگ جي لاڳيتو ڌمڪين بابت پڇيو ويو ته جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ” منهنجي زندگي الله جي هٿ ۾ آهي. اداڪار وڌيڪ چيو ته اَيشور ۽ الله سڀ منهنجي مٿان آهي، جيتري حياتي لکيل هوندي اوترو ئي جيئندس.“ سلمان خان سان لارنس بشنوئي جو تڪرار ڪڏهن شروع ٿيو؟ بشنوئي برادري ۾ ڪاري هرڻ کي هڪ مقدس سمجهيو ويندو آهي. بشنوئي ۽ سلمان خان وچ ۾ تڪرار سال 1998ع ۾ شروع ٿيو جڏهن، سلمان خان ساٿي اداڪار سيف علي خان، تبو، سونالي ۽ نيلم سان گڏ فلم ” هم ساٿ ساٿ هين “ جي شوٽنگ لاءِ راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ موجود هئا. سال 2018ع ۾ جوڌپور جي عدالت ڪاري هرڻ جي ڪيس ۾ سلمان خان کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، بعد ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، پر ان کانپوءِ بشنوئي برادري دبنگ اسٽار جي جاني دشمن بڻجي وئي. گذريل سال 14 اپريل جي صبح ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي ۾ سلمان خان جي اپارٽمينٽ ٻاهران فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا هئا. ان کانپوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، شروعات جاچ دوران جوابدارن جو واسطو لارنس بشنوئي گينگ سان ڄاڻايو ويو هو. گينگسٽر بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي ذميواري قبول ڪئي هئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 13 آڪٽوبر 2024ع تي گينگ جي هڪ ميمبر فيسبڪ پوسٽ ذريعي بابا صديقي جي قتل جي ذميواري قبول ڪئي. فيسبڪ پوسٽ ۾ لکيو ويو ته گينگ بابا صديقي کي اداڪار سلمان خان ۽ دائود ابراهيم سان مبينا رابطن سبب نشانو بڻايو. پوسٽ ۾ سلمان خان جي گهر جي ٻاهران فائرنگ ۾ هڪ جوابدار انوج ٿاپن جو به ذڪر ڪيو ويو هو. ياد رهي ته لارنس بشنوئي جو ڳاڻيٽو ڀارت جي وڏن گينگسٽرز ۾ ٿيندو آهي ۽ هو هن وقت تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. مشهور پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري به لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن قبول ڪئي هئي.