لاهور)اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الهق پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.پنهنجي بيان ۾ انضمام الحق چيو ته ماڻهو بنا تحقيق جي ڳالهيون ڪري رهيا آهن،منهنجي ذات تي سوال اُٿاريا ويا، استعيفيٰ ڏيڻ بهتر سمجهان ٿو.هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انڪواري ڪري مان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، بنا جاچ جي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، جيڪو به الزام مڙهي رهيو آهي ثبوت پيش ڪري.سندس چوڻ هو ته پي سي بي کي به چيو آهي ته جاچ ڪريو، مون تي جيڪي به الزام مڙهيا ويا آهن انهن جا ثبوت به پيش ڪرڻ گهرجن.انضمام الحق جو چوڻ هو ته منهنجو پليئرز ايجنٽ ڪمپني سان ڪنهن به قسم جو واسطو ناهي، اهڙي قسمن جي الزامن سبب ڏک پهتو.هن چيو ته مون مٿان مڙهيل الزامن تي بورڊ سان رابطو ڪيو، بورڊ کي چيوته جيڪڏهن ڪو شڪ آهي ته انڪواري ڪيو مان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.هن چيو ته هڪ فون آئي ۽ ٻڌايو ويو ته پنج ماڻهن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ان تي بورڊ کي چيو ته جيستائين ڪميٽي جاچ مڪمل ڪري عهدو ڇڏي ڏيان ٿو.هن وڌيڪ چيو ته سڀ شيون ڪليئر ٿيڻ کانپوءِ پي سي بي سان ڪم ڪندس، منهنجي خلاف انڪواري ٿي رهي آهي، انڪري محسوس ڪيو ته عهدي کان ڌار ٿيڻ گهرجي ۽ انڪواري جي نتيجن جو انتظار ڪرڻ گهرجي.ياد رهي ته انضمام الحق اهڙي وقت ۾ عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي جڏهن عالمي ڪپ لاءِ ٽيم ڀارت ۾ موجود آهي ۽ ميگا ايونٽ ۾ مسلسل چار ميچون هارائي چڪي آهي.