لاهور (انٽريسٽنگ نيوز) پنهنجي گلابي انگريزي سبب مشهور پاڪستان جي سينئر اداڪاره ميرا دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت ۾ ماڻهو کيس خوبصورتي سبب بالي ووڊ اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ ۽ ايشوريا راءِ سان ڀيٽيندا آهن، تازو ئي ميرا هڪ يوٽيوب چينل کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪيريئر ۽ زندگي جي حوالي سان مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اداڪاره ميرا ڀارت ۾ پنهنجي ڪم ڪرڻ جي تجربي جي حوالي سان ٻڌايو ته جڏهن مان ڀارت وئي هئس ته اتي ماڻهن منهنجي خوبصورتي جي تعريف ڪئي ۽ منهنجي بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪاره ايشوريا راءِ ۽ ماڌوري ڊڪشٽ سان ڀيٽ ڪئي، هن پنهنجي ڪم جي حوالي سان چيو ته منهنجي فلم سمرن انڊيا ۾ رليز ٿي هئي، جيڪڏهن اوهان اها فلم ڏسندا ته اوهان کي پسند ايندي.