ڪراچي (شوبز نيوز) پهلگام واقعي کانپوءِ بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام هڻڻ کانپوءِ مودي سرڪار کي اُٻهرائي ۾ کنيل قدم سبب دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ مان تنقيد جو منهن ڏسڻو پئي رهيو آهي. ڀارتي سُڌ سماءُ واري وزارت طرفان ڪيترن ئي پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۽ فنڪارن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڀارت ۾ بند ڪيا ويا آهن. جن پاڪستاني اداڪارن جا انسٽاگرام اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويا آهن، انهن ۾ مشهور اداڪارا ۽ ميزبان اُشنا شاهه پڻ شامل آهي. اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ کانپوءِ اداڪارا اُشنا شاهه ڀارتي حڪومت جي ان فيصلي تي دلچسپ انداز ۾ ردعمل ڏيندي لکيو ته ” منهنجي دنيا ئي اُجڙي وئي، مودي جِي اِهو ڇا ڪَيئي؟ اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ روئڻ ۽ ٽٽل دل جا ايموجي به استعمال ڪيا. اُشنا شاهه جي انهيءَ طنزيه تبصري سوشل ميڊيا ڏاڍو ساراهيو پيو وڃي، هڪ صارف لکيو ته ” ڪاش مودي کي هي ٺٺوک سمجهه ۾ اچي وڃي، هڪ ٻئي واهپيدار چيو ته ” جن کي تون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهين، کين عقل هجي ها ته اهڙو کِل جوڳو قدم نه کڻن ها.