ڪنڌڪوٽ: سنڌ بار ڪائونسل ميمبر عبدالغني بجاراڻي روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مٿان لاٺي چارج ان ڪري ٿي جو آءُ اهو سرعام چيو ته ڪرمپور کان وٺي ڪشمور جا سردار ۽ چونڊيل نمائندا اغوا وارداتن ۽ بدامني ۾ ملوث آهن منهنجي اهڙين ڳالهين تي سردار ناراض ٿيا ۽ مون مٿان ۽ ڌرڻي وارن مٿان لاٺي چارج ڪرائي ۽ اسان کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ چاهيو پر پوليس وڏي غلطي ڪري وٺي اسان جو ڌرڻو وڌيڪ منظم ۽ مظبوط ٿيو آهي.