پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان منهنجي اجازت کانسواءِ منهنجي گهر ايندو هو ۽ هُن پيري، مريدي جي آڙ ۾ منهنجو گهر برباد ڪيو، بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا پاران نجي ٽي وي کي انٽرويو دوران اهم انڪشاف
خاور مانيڪا چيو ته پنڪي جو پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملڻ مونکي پسند نه هو ۽ هڪ ڏينهن گهر جي ملازم کي چئي پي ٽي آءِ چيئرمين کي گهر مان نيڪالي به ڏياري، اسان جي شادي کي 28 سال گذري ويا، گهر ۾ خوش هئاسين پر پي ٽي آءِ چيئرمين منهنجو گهر برباد ڪيو، اسلام آباد ۾ بشريٰ بي بي جون پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقاتون شروع ٿيون، فرح گوگي ڳجهي ريت فون نمبرز فراهم ڪيا، پنڪي راتين جون راتيون فون تي ڳالهائيندي هئي
مون کي ٻڌائڻ بنا بني گالا هلي ويندي هئي، پنڪي مون کان ڌار ٿي مائٽن وٽ رهي ۽ فرح گوگي ذريعي طلاق گهري، ذولفي بخاري ۽ فرح گوگي مونکي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين وزير اعظم ٿي رهيو آهي، بهتر آهي اوهان خاموش رهو، 14نومبر 2017 تي مون پنڪي کي طلاق ڏني ۽ هن پي ٽي آءِ چيئرمين سان شادي ڪئي، مونکي ۽ ٻارن کي ميڊيا ذريعي بشريٰ جي شادي جي ڄاڻ ملي
هن کي به پڙهندا
عمران خان جي جيل اندر ٽرائل خلاف اسٽي آرڊر ۾ سڀاڻي تائين واڌ