نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر يوراج سنگهه جو والد يوگراج سنگهه اڄڪلهه اڳوڻن ڀارتي ڪرڪيٽرن تي تنقيد جا تير وسائي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ يوگراج سنگهه اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني تي الزام مڙهندي چيو هو ته ” ايم ايس ڌوني سندس پٽ يووراج سنگهه جو ڪيريئر تباهه ڪيو، هو کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندو.” ان بيان کانپوءِ يوگراج سنگهه هڪ ٻي وڊيو ڪپل ديول خلاف وائرل ٿي رهي آهي. يوگراج سنگهه جي تڪراري بيانن کانپوءِ سندس پٽ يووراج سنگهه جو به هڪ بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته منهنجو پيءُ ذهني مسئلن جو شڪار آهي پر هو اِها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، کيس ان مسئلي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي پر هو اِهو مڃڻ لاءِ به تيار ناهي.