ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف کي شادي تي کلندي مسڪرائيندي ڏسي شاداب خان جي دل ۾ به هل چل مچڻ لڳي
گذريل ڏينهن فاسٽ بالر حارث رئوف پنهنجي ڪلاس ميٽ مزنا مسعود ملڪ سان شادي ڪئي هئي جنهن ۾ شاداب ۽ ٻين شرڪت ڪئي
Itna glow itni khushi @HarisRauf14. Lagta hai mera time be ab aanay wala hai. pic.twitter.com/c9v41J8pnz
— Shadab Khan (@76Shadabkhan) December 24, 2022
حارث رئوف جي شادي اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ٿي، جنهن ۾ سندس ويجهن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي، حارث رئوف جي شادي جي تقريب ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ٻين به شرڪت ڪئي
Congratulations to Haris Rauf and his wife. Wishing both of them a very successful and happy life together. Ma Shaa Allah ❤️ pic.twitter.com/KBcTaj7Ae2
— Farid Khan (@_FaridKhan) December 24, 2022
فاسٽ بالر کي سندس ساٿي رانديگرن طرفان شادي جي مبارڪن جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڻ کيس قومي ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر شاداب خان به دلچسپ انداز ۾ مبارڪباد ڏني اٿس
حارث جي شادي جي مسڪرائيندڙ تصوير ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي شاداب لکيو ته ”ڏاڍي خوشي ۽ چمڪو، لڳي ٿو منهنجو وقت به اچڻ وارو آهي“
هي به پڙهندا