اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مسلم ليگ ن جو حصو آهيا، پر هنن حالتن ۾ چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهان. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته منهنجو ليڊر نواز شريف آهي، مريم نواز ۽ شهباز شريف نه. هن چيو ته نئين سياسي پارٽي جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي موجود آهي پر اها پوءِ جي ڳالهه آهي، آئون ٽرٿ ڪميشن جو قائل آهيان، ٺيهي ته سڀ کان پهرين پاڻ پيش ٿيندس. هن چيو ته اسان پنهنجي تاريخ مسخ ڪري ڇڏي آهي. ملڪ جون سموريون پارٽيون اقتدار ڏسي چڪيون آهن. بي اعتمادي کان پوءِ اسان کي حڪومت نه ڪرڻ گھرجي ها.  اسان کي اقتدار جي جنگ  ۽ ڪرسي جي لالچ کان هٽڻ گھرجي.  سندس وڌيڪ چوڻ هو ته تڪ جا ماڻهو فيصلو ڪندا ته استقبال لاءِ وڃڻو آهي يا نه،