اسلام آباد (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ۽ ليکڪا ميرا سيٺي عورتن جي حقن جي نعري ‘منهنجو جسم، منهنجي مرضي’ جي چوڌاري غلط فهمين تي روشني وجهندي چيو آهي ته اهو نعرو فحاشي يا بغاوت جي علامت ناهي، پر عورتن جي پنهنجي جسماني خودمختياري، مرضي ۽ تحفظ جي گهرج آهي.ميرا سيٺي پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن مرد جي بالادستي ۽ عورتن جي لباس تي تبصرن جي رجحان تي سخت تنقيد ڪئي.هن چيو ته اهو خيال ته جيڪڏهن ڪا عورت هڪ خاص انداز جو لباس پائي ٿي ته مرد پاڻ کي سندس جسم، ارادن يا ڪردار تي تبصرو ڪرڻ جو حقدار سمجهن ٿا. هي صرف جهالت ناهي، پر هڪ خطرناڪ خيال آهي.اداڪارا واضح ڪيو ته عورت جو لباس ڪڏهن به ڪنهن کي دعوت نه ڏيندو آهي، نه فيصلي لاءِ، نه ايذاءُ لاءِ ۽ نه ئي تشدد لاءِ.ميرا سيٺي “منهنجو جسم، منهنجي مرضي” تي تڪرارن کي غلط فهمين جو نتيجو قرار ڏنو.هن چيو ته هن نعري جو مطلب آهي ته عورت کي پنهنجي سڃاڻپ، زندگي ۽ جسم بابت فيصلا ڪرڻ جو پورو حق هجڻ گهرجي، ڇا اهو شادي هجي، زچگي هجي يا ذاتي حفاظت، فيصلو عورت جو هجڻ گهرجي.هن چيو ته سماج جا قدامت پسند حلقا عورتن جي بنيادي انساني حقن کي دٻائڻ لاءِ جان بوجھ ڪري هن نعري کي ٽوڙيندا آهن.