ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار شترو گهن سنها ماضي ۾ ڪيترين ئي خوبصورت عورتن سان لاڳاپن جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا تي 2016ع ۾ ٿيل هڪ تقريب م شتروگهن سنها جي خطاب جو حوالو ڏيندي سندس عورتن سان لاڳاپن ۽ پونم سنهيا سنا شادي واري ڏينهن 3 ڪلاڪ دير سان پهچڻ کي رپورٽ ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب 2016ع ۾ جي پور لٽريچر فيسٽيول ۾ خطاب ڪندي شتروگهن سنهيا اعتراف ڪيو هو ته شادي کان اڳ سندس مسئلو اهو نه هو ته شادي ڪنهن سان ڪئي وڃي پر مسئلو اهو هو ته شادي ڪنهن سان نه ڪجي. هن ٻڌايو هو ته هڪ ڀيري زال پونم مون کي سڳ سوڌو پڪڙي چڪي آهي، جنهن کان پوءِ هن واعدو ورتو هو ته آئون ٻيهر ايئن نه ڪندس ۽ مون پوءِ ان واعدي کي هميشه نڀايو. هن پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته آئون هر شيءِ ۾ دير ڪري وجھندوآهيان، ان ڪري پنهنجي شادي ۾ به 3 ڏينهن دير سان پهتس.